ٽرينيڊاڊ-06 آگسٽ (اي پي پي ) ويسٽ انڊيز ۽ ڏکڻ آفريقا جي وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ اربع 7 آگسٽ کان 11 آگسٽ تائين ڪوئينز پارڪ اوول، پورٽ آف اسپين ٽرينيڊاڊ ۾ کيڏي ويندي. ويسٽ انڊيز چيمپئين شپ اليون ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ کيڏيل 4 ڏينهن واري وارم اپ ميچ ڊرا ٿي وئي هئي. ڏکڻ آفريقا جي ٽيم هن وقت ويسٽ انڊيز ۾ …
ويسٽ انڊيز ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ اربع 7 آگسٽ کان شروع ٿيندي

مزید خبریں
ٽرينيڊاڊ-06 آگسٽ (اي پي پي ) ويسٽ انڊيز ۽ ڏکڻ آفريقا جي وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ اربع 7 آگسٽ کان 11 آگسٽ تائين ڪوئينز پارڪ اوول، پورٽ آف اسپين ٽرينيڊاڊ ۾ کيڏي ويندي. ويسٽ انڊيز چيمپئين شپ اليون ۽ ڏکڻ آفريقا وچ ۾ کيڏيل 4 ڏينهن واري وارم اپ ميچ ڊرا ٿي وئي هئي. ڏکڻ آفريقا جي ٽيم هن وقت ويسٽ انڊيز ۾ آيل آهي جتي اها پنهنجي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 2 ٽيسٽ ۽ 3 ٽي-ٽوئنٽي عالمي ميچن تي ٻڌل سيريز کيڏندي. ويسٽ انڊيز ۽ ڏکڻ آفريقا جي ٽيمن وچ ۾ 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي شروعات اڄ اربع کان ٿيندي. اهڙيءَ ريت ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 15 آگسٽ کان 19 آگسٽ تائين ڪوپروويڊنس اسٽيڊيم گيانا ۾ کيڏي ويندي. ان بعد ڏکڻ آفريقا جي ٽيم 03 عالمي ٽي-ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز کيڏڻ لاءِ ٽرينيڊاڊ پهچندي جنهن جي پهرين ميچ 23 آگسٽ تي برائن لارا اسٽيڊيم تاروبا ٽرينيڊاڊ ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٻي ميچ 24 آگسٽ تي ۽ ٽين ۽ آخري ميچ 27 آگسٽ تي کيڏي ويندي.











