ويسٽ انڊيز ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 7 آگسٽ کان شروع ٿيندي

ٽرينيڊاڊ -05 آگسٽ (اي پي پي )ويسٽ انڊيز ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 2 ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 7 کان 11 آگسٽ تائين ڪوئنز پارڪ اوول، پورٽ آف اسپين، ٽرينيڊاڊ ۾ کيڏي ويندي. ويسٽ انڊيز چيمپئين شپ اليون ۽ ڏکڻ آفريقا وچ کيڏيل 4 ڏينهن واري وارم اپ ميچ ڊرا ٿي وئي .ڏکڻ آفريقا جي ٽيم هن وقت ويسٽ انڊيز ۾ آيل آهي …

ٽرينيڊاڊ -05 آگسٽ (اي پي پي )ويسٽ انڊيز ۽ ڏکڻ آفريقا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 2 ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 7 کان 11 آگسٽ تائين ڪوئنز پارڪ اوول، پورٽ آف اسپين، ٽرينيڊاڊ ۾ کيڏي ويندي. ويسٽ انڊيز چيمپئين شپ اليون ۽ ڏکڻ آفريقا وچ کيڏيل 4 ڏينهن واري وارم اپ ميچ ڊرا ٿي وئي .ڏکڻ آفريقا جي ٽيم هن وقت ويسٽ انڊيز ۾ آيل آهي جتي اها پنهنجي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 2 ٽيسٽ ميچن ۽ 3 ٽي – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي. ويسٽ انڊيز ۽ ڏکڻ آفريقا جي ٽيمن وچ ۾ 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي شروعات 7 آگسٽ کان ٿيندي. اهڙيءَ ريت ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 15 آگسٽ کان 19 آگسٽ تائين ڪوپروويڊنس اسٽيڊيم گيانا ۾ کيڏي ويندي. ان بعد ڏکڻ آفريقا جي ٽيم 03 عالمي ٽي – ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ميچن جي سيريز کيڏڻ لاءِ ٽرينيڊاڊ پهچندي جنهن جي پهرين ميچ 23 آگسٽ تي برائن لارا اسٽيڊيم تاروبا ٽرينيڊاڊ ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٻي ميچ 24 آگسٽ تي ۽ ٽئين ۽ آخري ميچ 27 آگسٽ تي کيڏي ويندي. ٽئي ٽي – 20 ميچون برائن لارا اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون.