سنڌ ۾ ٽيڪس نظام ون لنڪس سان ڳنڍجي ويو، عوام گهر ويٺي ٽيڪس ادا ڪري سگهندو: شرجيل ميمڻ

ڪراچي-02 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي ايڪسائيز کاتي صوبي ۾ انقلابي قدم کڻندي ٽيڪس نظام کي ون لنڪ سان ڳنڍي ڇڏيو آھي، جنھن تحت عوام ھاڻي گھر ويٺي ٽيڪس ادا ڪري سگھندو. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ايڪسائز ۽ ٽيڪسيشن کاتي جو اھم اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن محمد سليم راجپوت، ڊي جي ايڪسائز اورنگزيب اڪبر پنھور ۽ ٻين …

ڪراچي-02 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي ايڪسائيز کاتي صوبي ۾ انقلابي قدم کڻندي ٽيڪس نظام کي ون لنڪ سان ڳنڍي ڇڏيو آھي، جنھن تحت عوام ھاڻي گھر ويٺي ٽيڪس ادا ڪري سگھندو. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ايڪسائز ۽ ٽيڪسيشن کاتي جو اھم اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن محمد سليم راجپوت، ڊي جي ايڪسائز اورنگزيب اڪبر پنھور ۽ ٻين ڊائريڪٽرن شرڪت ڪئي. سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ نئين ڊجيٽل سروس عوام جو وقت بچائڻ، پريشاني گھٽائڻ ۽ عوام جي آڱرين تائين سھولت آڻڻ لاءِ آندي وئي آھي، نئين آن لائن نظام سان شفافيت کي ھٿي ملندي ۽ عوام گھر ويٺي ٽيڪس ادا ڪري سگھندو. ھن چيو تھ عوام ڪنھن بھ ٽيڪس جي ادائيگي منٽن اندر محفوظ ۽ ڀروسي جوڳي طريقي سان ڪري سگھندو، ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن کاتو عوام کي بھترين ڪارڪردگي ۽ سھولت فراھم ڪرڻ لاءِ پرعزم آھي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ وڏن وڏن شھرن جي داخلي ۽ خارجي رستن تي چوڪيون قائم ڪيون وينديون، جتي گاڏين جي ٽيڪسز جي حوالي سان چيڪنگ ڪئي ويندي، ٽيڪس جمع نھ ڪرائيندڙ گاڏين خلاف ڪارروايون ڪيون وينديون. پھرين مرحلي ۾ ڪراچي ٽول پلازا وٽ ھڪ ڊيسڪ قائم ڪيو ويندو، جتي گاڏين جي ٽيڪس جو رڪارڊ چيڪ ڪيو ويندو ۽ ٽيڪس نھ پياريندڙ گاڏين کي اُن وقت تائين روڪيو ويندو، جيستائين گاڏي مالڪ ٽيڪس جمع نه ڪرائيندا. اجلاس ۾ شرجيل انعام ميمڻ شورومز تي گاڏين جي رجسٽريشن آسان ڪرڻ جون بھ ھدايتون جاري ڪيون، جڏھن ته پريميم نمبر پليٽون جاري ڪرڻ جو ٻيو مرحلو به جلد شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ٻئي مرحلي ۾ 50 نمبر ٻوڏ متاثرن جي لاءِ فنڊ ريزنگ ايونٽ تحت جاري ڪيا ويندا. ھن چيو ته پريميم نمبرز جاري ڪرڻ لاءِ آن لائن فنڊ ريزنگ ايونٽ بھ منعقد ڪيو ويندو، جتي عطيو گڏ ڪرڻ لاءِ 200 نمبر ميسر ھوندا. ان مان حاصل ٿيڻ واري رقم ٻوڏ متاثرن لاءِ گھر ٺاھڻ لاءِ عطيو ڪئي ويندي، 29 جون 2024 تي منعقد ٿيل پھرين فنڊ ريزنگ ايونٽ ۾ اڳواٽ ئي پريميم نمبر پليٽس حاصل ڪرڻ وارن لاءِ الڳ سمارٽ ڪارڊ جاري ڪيا ويندا. ھن چيو ته سمارٽ ڪارڊ سان پريميم نمبر پليٽس جي جعلسازي جي حوصلا شڪني ٿيندي، پريميم نمبر پليٽس مالڪن کي گاڏي تبديل ڪرڻ جي صورت ۾ نئون سمارٽ ڪارڊ جاري ڪيو ويندو.

مزید خبریں