پئرس اولمپڪ گيمز ۾ چين عورتن جي 20 ڪلوميٽرن جي ڊوڙ ۾ سون جو ٻلو کٽي ورتو

پئرس-01 آگسٽ (اي پي پي) چين جي ريس واڪر يانگ جيا پئرس اولمپڪ گيمز 2024ع ۾ عورتن جي 20 ڪلوميٽرن جي واڪ ريس ۾ سون جو ٻلو کٽي ورتو، اسپين جي ريس واڪر ماريه پيريز ان مقابلي ۾ چاندي ۽ آسٽريلين ريس واڪر جمائما مونٽاگ ٽامي جو ٻلو پنهنجي نالي ڪيو. فرانس جي گادي واري هنڌ پئرس ۾ اولمپڪ جا رنگارنگ مقابلا جاري آهن. پهرين آگسٽ تي عورتن جي 20 …

پئرس-01 آگسٽ (اي پي پي) چين جي ريس واڪر يانگ جيا پئرس اولمپڪ گيمز 2024ع ۾ عورتن جي 20 ڪلوميٽرن جي واڪ ريس ۾ سون جو ٻلو کٽي ورتو، اسپين جي ريس واڪر ماريه پيريز ان مقابلي ۾ چاندي ۽ آسٽريلين ريس واڪر جمائما مونٽاگ ٽامي جو ٻلو پنهنجي نالي ڪيو. فرانس جي گادي واري هنڌ پئرس ۾ اولمپڪ جا رنگارنگ مقابلا جاري آهن. پهرين آگسٽ تي عورتن جي 20 ڪلوميٽرن جي واڪ ريس ۾ 28 سالن جي چين جي ريس واڪر يانگ جيا گهربل مفاصلو هڪ ڪلاڪ 25 منٽن ۽ 54 سيڪنڊن ۾ طئي ڪري پهرين پوزيشن سان سون جو ٻلو حاصل ڪيو. انهن مقابلن ۾ 28 سالن جي اسپين جي ريس واڪر ماريه پيريز چاندي جو ٻلو حاصل ڪيو جڏهن ته آسٽريلين ريس واڪر جمائما مونٽاگ ٽئين پوزيشن سان ٽامي جو ٻلو پنهنجي نالي ڪيو.

مزید خبریں