تهران -31 جولاءِ (اي پي پي ) ايراني صدر مسعود پيز شڪيان چيو آهي ته ڪجهه اولهه جا ملڪ ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ چاهين ٿا. ارنا نيوز مطابق هن تهران ۾ سعودي عرب جي وزير شهزاده منصور بن مطيب بن عبدالعزيز سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چيو ته اولهه جا ڪجهه ملڪ ايران ۽ سعودي عرب خلاف بدخواهيءَ جا خواهشمند آهن اهي پنهنجا ناجائز مقصد حاصل …
ڪجهه اولهه جا ملڪ ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ چاهين ٿا: ايران جو صدر
تهران -31 جولاءِ (اي پي پي ) ايراني صدر مسعود پيز شڪيان چيو آهي ته ڪجهه اولهه جا ملڪ ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ چاهين ٿا. ارنا نيوز مطابق هن تهران ۾ سعودي عرب جي وزير شهزاده منصور بن مطيب بن عبدالعزيز سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي چيو ته اولهه جا ڪجهه ملڪ ايران ۽ سعودي عرب خلاف بدخواهيءَ جا خواهشمند آهن اهي پنهنجا ناجائز مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي هوشياري، اتحاد ۽ يڪجهتي ذريعي ئي اهڙين سازشن کي ناڪام بڻائڻ گهرجي. سعودي وزير پنهنجي طرفان سعودي بادشاهه ۽ ولي عهد طرفان ايران جي صدر مسعود پيز شڪيان کي مبارڪون ڏيندي چيو ته ٻئي ملڪ مذهبي رشتن جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهن.








