نيويارڪ - 11 جولاءِ (اي پي پي ) ڪينيڊا ۽ يوراگوئي جي ٽيمن وچ ۾ ڪوپا آمريڪا فوٽ بال چيمپئين شپ جي ٽئين پوزيشن لاءِ ميچ 13 جولاءِ تي کيڏي ويندي. سائوٿ آمريڪا فٽ بال ڪنفڊريشن جي اهتمام هيٺ ڪوپا آمريڪا جي 48 هين ايڊيشن جا سنسني خيز مقابلا آمريڪا ۾ جاري آهن جيڪي پنهنجي آخري مرحلي طرف وڌي رهيا آهن . جنهن ۾ فوٽ بال جي مداحن کي انتهائي …
ڪينيڊا ۽ يوراگوئي وچ ۾ ڪوپا آمريڪا فوٽ بال چيمپئين شپ جي ٽئين پوزيشن لاءِ ميچ 13 جولاءِ تي کيڏي ويندي

مزید خبریں
نيويارڪ – 11 جولاءِ (اي پي پي ) ڪينيڊا ۽ يوراگوئي جي ٽيمن وچ ۾ ڪوپا آمريڪا فوٽ بال چيمپئين شپ جي ٽئين پوزيشن لاءِ ميچ 13 جولاءِ تي کيڏي ويندي. سائوٿ آمريڪا فٽ بال ڪنفڊريشن جي اهتمام هيٺ ڪوپا آمريڪا جي 48 هين ايڊيشن جا سنسني خيز مقابلا آمريڪا ۾ جاري آهن جيڪي پنهنجي آخري مرحلي طرف وڌي رهيا آهن . جنهن ۾ فوٽ بال جي مداحن کي انتهائي دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. چيمپين شپ جو فائينل 14 جولاءِ تي فلوريڊا ۾ کيڏيو ويندو.











