انگلينڊ جي ٽيم ٻيون ڀيرو يورپين فوٽ بال چيمپئين شپ جي فائنل ۾ پهچي وئي

برلن -11 جولاءِ (اي پي پي) انگلينڊ جي ٽيم يورپين فوٽ بال چيمپئين شپ جي فائنل ۾ داخل ٿي وئي آهي. انگلينڊ جي ٽيم چيمپئين شپ جي ٻئين سيمي فائنل ميچ ۾ سخت مقابلي کانپوءِ نيدر لينڊز کي هڪ جي مقابلي ۾ ٻن گولن تان شڪست ڏئي ٻيون ڀيرو فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪيو. ان کان اڳ انگلينڊ جي ٽيم يورپين فوٽ بال چيمپئن شپ 2020 جي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪيو …

برلن -11 جولاءِ (اي پي پي) انگلينڊ جي ٽيم يورپين فوٽ بال چيمپئين شپ جي فائنل ۾ داخل ٿي وئي آهي. انگلينڊ جي ٽيم چيمپئين شپ جي ٻئين سيمي فائنل ميچ ۾ سخت مقابلي کانپوءِ نيدر لينڊز کي هڪ جي مقابلي ۾ ٻن گولن تان شڪست ڏئي ٻيون ڀيرو فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪيو. ان کان اڳ انگلينڊ جي ٽيم يورپين فوٽ بال چيمپئن شپ 2020 جي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪيو هيو. جڏهن ته ان ۾ برطانوي ٽيم کي اٽلي هٿان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو هيو. هيري ايڊورڪين ۽ اوليور جارج آرٿر واٽڪنز هڪ هڪ گول ڪري پنهنجي ٽيم انگلينڊ جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. نيدر لينڊز پاران واحد گول ڪوئنٽن شي سائمنز اسڪور ڪيو. يوئيفا جي اهتمام هيٺ يورپين چيمپئين شپ جا دلچسپ مقابلا جرمني ۾ جاري آهن. جنهن ۾ فٽ بال جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لا ملي رهيا آهن . اي پي پي / ا – ٻ/ز – ج/ر – م 11:00