روس جي تازي دوري تي هڪ طاقتور ملڪ اسان کان ناراض آهي ۽ چئي رهيو آهي ته جيڪڏهن بي اعتمادي رٿ ڪامياب نه ٿي ته ان جا تمام گهڻا برا نتيجا نڪرندا، ڇا ڪنهن آزاد ملڪ کي ڪو ٻيو ملڪ اهڙي طرح جون ڌمڪيون ڏئي سگهي ٿو، اسان جي ملڪ ۾ اقتدار لاءِ شيروانيون سبرائيندڙ چئي رهيا آهن ته آمريڪا کانسواءِ گذارو نه آهي، انهن ماڻهن جي ڪري اسان ان مقام تائين پهتا آهيون: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد – پهرين - اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته روس جي تازي دوري تي هڪ طاقتور ملڪ اسان کان ناراض آهي ۽ چئي رهيو آهي ته جيڪڏهن بي اعتمادي رٿ ڪامياب نه ٿي ته ان جا تمام گهڻا برا نتيجا نڪرندا، ڇا ڪنهن آزاد ملڪ کي ڪو ٻيو ملڪ اهڙي طرح جون ڌمڪيون ڏئي سگهي ٿو، اسان جي ملڪ ۾ اقتدار لاءِ شيروانيون سبرائيندڙ …

اسلام آباد – پهرين – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته روس جي تازي دوري تي هڪ طاقتور ملڪ اسان کان ناراض آهي ۽ چئي رهيو آهي ته جيڪڏهن بي اعتمادي رٿ ڪامياب نه ٿي ته ان جا تمام گهڻا برا نتيجا نڪرندا، ڇا ڪنهن آزاد ملڪ کي ڪو ٻيو ملڪ اهڙي طرح جون ڌمڪيون ڏئي سگهي ٿو، اسان جي ملڪ ۾ اقتدار لاءِ شيروانيون سبرائيندڙ چئي رهيا آهن ته آمريڪا کانسواءِ گذارو نه آهي، انهن ماڻهن جي ڪري اسان ان مقام تائين پهتا آهيون، آزاد پرڏيهي پاليسي ۾ ڪيترائي چئلينج ايندا آهن، نئين پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني، فلاحي رياست، خودداري ۽ آزاد پرڏيهي پاليسي بنيادي ٿنڀ آهن جيڪي ملڪ جي خودمختياري، ترقي ۽ خوشحالي جا ضامن آهن، ماضي ۾ ٻاهرين امداد لاءِ اسان خودداري، قومي سلامتي ۽ معاشي مفاد داءُ تي لڳايا، ٻاهرين امداد جي ڪري پنهنجي عوام جي مفادن جو سودو نه ڪرڻ گهرجي. هو اسلام آباد ۾ ”اسلام آباد سيڪيورٽي ڊائيلاگ“ کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي قومي سلامتي جي صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف به خطاب ڪيو. وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي ڊائيلاگ جي انعقاد تي ڊاڪٽر معيد يوسف کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا، اهو ملڪ جي مستقبل لاءِ اهم آهي، قومي سلامتي جا گهڻ رخا مقصد آهن، جن ملڪن ۾ غريبن جي سمنڊ ۾ امير ماڻهن جو هڪ ننڍو جزيرو هجي اهي ملڪ سدائين غير محفوظ رهندا آهن. وزيراعظم چيو ته آئون جڏهن مديني جي رياست جي ڳالهه ڪريان ٿو ته ان جو تصور سمجهڻ جي بدران اهو چيو ويندو آهي ته ووٽ وٺڻ لاءِ ۽ سياست لاءِ مذهب کي استعمال ڪريان ٿو. مديني جي رياست جو بنياد قانون جي حڪمراني ۽ فلاحي رياست هئي، ان تي هنن دنيا تي حڪمراني ڪئي ۽ تهذيب ۽ تمدن بدليو، اسان جي قومي سلامتي جو بنياد به اهو ئي آهي، ان کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، جيستائين پوري قوم پنهنجي قومي سلامتي لاءِ بيهي نٿي اها 22 ڪروڙ جو هجوم ئي رهندي، فوج صرف محدود سيڪيورٽي ڏئي سگهي ٿي، عوام جڏهن قوم بڻجي وڇي ته اهو سڀ کان محفوظ ملڪ ۽ قوم بڻجي ويندي آهي، ڪيوبا جو مثال سامهون آهي، هن چيو ته پاڪستان جي قومي سلامتي جي غير محفوظ هجڻ جي ڪري وڏو سبب غير برابري ترقي آهي جتي امير ۽ غريب ۾ فاصلا وڌيا، هڪ محدود اشرافيه وسيلن تي قبضو ڄمايو، غريب کي اڳتي نه اچڻ ڏنو، انگلش ميڊيم نظام تعليم جي ذريعي تفريق پيدا ڪئي وئي ۽ اهو طبقو سڀني تي حاوي ٿي ويو، صحت ۽ تعليم جو نظام تباهه ٿيو، صرف امير لاءِ بهترين اسپتال يا ٻاهرين ملڪ علاج جي سهولت ميسر هئي، بيروگاري ۽ غربت تي رياست طرفان ڪا به مدد نه ڪئي ويندي هئي، وزيراعظم چيو ته قانون جي حڪمراني کانسواءِ دنيا جو ڪو به معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي، جتي عوام کي پنهنجي جان ۽ مال جي حفاظت حاصل ٿيندي اتي اها عوام رياست جي معاملن ۾ حصيدار بڻجندي، وزيراعظم چيو ته انهي ويڇي جي ڪري ماضي ۾ هندستان فتح ڪندڙ بنا ڪنهن مزاحمت جي دهلي پهتا هئا، جتي عوام جو مفاد نه هو اتي مزاحمت نه ڪندا هئا، قبائلي علائقن ۾ جرگي سسٽم جي ڪري هو پنهنجي آزادي لاءِ گڏجي وڙهندا هئا، افغانستان ٻاهرين حملا آورن جي خلاف سدائين مزاحمت ڪئي. وزيراعظم چيو ته هو بار بار پنهنجي قوم کي گڏيل قومن جي ان رپورٽ جو حوالو ڏيندو آهي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته 1600 ارب ڊالر ساليانو غريب ملڪن مان مني لانڊرنگ جي ذريعي امير ملڪن ۾ منتقل ڪيا ويندا آهن، وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي پنهنجي قيام جي فوري بعد پناهگيرن سميت ٻيا مسئلا درپيش هئا پر ان جي باوجود 1960ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان ترقي جي رستي تي گامزن هو، ان کانپوءِ وڏي پئماني تي ڪرپشن جي ڪري ملڪ ان رستي تان هٽي ويو. وزيراعظم چيو ته ٽي شيءَ خودداري ۽ آزاد پرڏيهي پاليسي آهي، ٻاهرين امداد تي ڀاڙڻ جي ڪري اسان جو وڏو نقصان ٿيو ۽ اسان پنهنجي صلاحيتن مان چڱو خاصو فائدو نه کڻي سگهياسين. اسان پنهنجي ڪمزورين جو جائزو وٺڻ جي ڪوشش نه ڪئي، آزاد پرڏيهي پاليسي سان قوم بڻجندي آهي، ان ۾ قوم جو مفاد اولين ترجيح هوندو آهي، اسان ڪڏهن ان ڳالهه جو جائزو نه ورتو ته افغان جهاد ۾ حصيداري سان اسان ڇا حاصل ڪيو ۽ ڇا وڃايو. پنهنجي افغان ڀائرن تي ٻاهرين حملي آورن جي خلاف اسان انهن جي مدد ڪئي پر ان جو غير جانبداراڻو تجزيو نه ڪيو ويو ڇا اسان ان جنگ ۾ افغانين جي مدد لاءِ شرڪت ڪئي يا اها حصيداري ڊالرن لاءِ هئي، جيڪڏهن اسان ڊالرن لاءِ اهو ڪيو ته اسان کي ملندڙ امداد سان تمام گهڻو نقصان ڪيو. 50 لک افغان پناهگيرن کي منهن ڏيڻو پيو، فرقيواريت، منشيات کي منهن ڏيڻو پيو، ملڪ ۾ ڪرپشن وڌي، 2000ع ۾ کانپوءِ اسان پنهنجي پاليسي ۾ 180 ڊگري جو يوٽرن ورتو، اسرندڙ ملڪ اسان کان اڳتي نڪري ويا، ٻاهرين امداد تي ڀاڙڻ سان اسان جي ماڻهن ۾ بهتري نه آئي پر ان سان ملڪ جي مفاد کي قربان ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته آزاد پرڏيهي پاليسي نه رکندڙ ملڪ ڪڏهن دنيا ۾ عزت نٿو حاصل ڪريس گهي ۽ نه ئي پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جو مفاد عزيز رهيو. وزيراعظم چيو ته اسان آزاد پرڏيهي پاليسي لاءِ ڪوششون ڪيون، پنهنجي ملڪي ۽ عوامي مفاد کي مٿانهون رکڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان جي ساڍا ٽن سالن ۾ پرڏيهي پاليسي کي جيڪا عزت ملي اها ماضي ۾ ڪڏهن ناهي ملي، هن چيو ته روس جي تازي دوري تي هڪ طاقتور ملڪ اسان کان ناراض آهي، هندستان روس کان تيل خريد ڪري رهيو آهي پر ان جي پوري مدد ڪئي پئي وڃي، برطانيه جي هڪ ذميدار جو بيان نظر مان گذريو ته هو ڀارت کي آزاد پرڏيهي پاليسي جي ڪري ڪجهه نٿا چئي سگهن جڏهن ته اسان جي ملڪ ۾ اقتدار لاءِ شيروانيون سبرائيندڙ ميڊيا کي اهو انٽرويو ڏئي رهيا آهن ته آمريڪا کانسواءِ گذارو نه آهي، انهن ماڻهن جي ڪري اسان ان مقام تائين پهتا آهيون جنهن معاشي مفادن قربان ڪيا. عوامي مفاد ۽ وقار کي داءُ تي لڳايو. وزيراعظم چيو ته غيرت مند انسانن جي سڄي دنيا عزت ڪندي آهي، هڪ طاقتور ملڪ اسان کي چوي ٿو ته جيڪڏهن بي اعتمادي رٿ ۾ وزيراعظم کي شڪست نه ٿي ته ان جا تمام گهڻا برا نتيجا نڪرندا. ڇا ڪنهن آزاد ملڪ کي ڪو ٻيو ملڪ اهڙي طرح جون ڌمڪيون ڏئي سگهي ٿو؟ اندروني معاملن ۾ اهڙي مداخلت ڪري سگهي ٿو؟ اهو سڀ اسان جي غلطين جي ڪري ٿيو آهي ته اسان کين اهو ياد ڪرائيندا رهيا هئاسين ته توهان کانسواءِ اسان زنده نٿا رهي سگهون، قومي سلامتي لاءِ قوم ۽ حڪومت هڪ ٿي وڃن ته ڪا به شيءَ ناممڪن نه آهي، وزيراعطم چيو ته اسان پنهنجي حڪومت دور ۾ اهڙا ڪم ڪيا جيڪي ترقي يافته ملڪ به نه ڪري سگهيا، اسان هر شهري لاءِ هيلٿ ڪارڊ ڏنو، سماجي تحفظ جا پروگرام متعارف ڪرايا جنهن جو مقصد هيٺين طبقي کي مٿي کڻڻو هو، وزيراعظم چيو ته آزاد پرڏيهي پاليسي ۾ ڪيترائي چئلينج ايندا آهن، اسان جي هڪ پاڙيسري ملڪ جي آزاد پرڏيهي پاليسي جي ڪري ان کي داد ڏيون ٿا جنهن پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ عوامي مفاد کي مٿانهون رکيو آهي. هن چيو ته اسان سعودي عرب، ترڪي ۽ ايران کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، افغانستان ۾ امن عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ڪئي، يوڪرائن روس تڪرار ۾ اسان جي غير جانبداري جي ڪري يورپي يونين ڪائونسل جي صدر ۽ يوڪرين جي صدر ٽيليفون ڪري چين سان گڏجي ان تڪرار جي حل ۾ مدد گهري. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ان سلسلي ۾ چين جو دورو ڪيو ۽ اتي روسي ۽ چيني پرڏيهي وزيرن سان ملاقاتون ڪيون، وزيراعظم چيو ته اهڙو تڏهن ئي ممڪن آهي ته توهان ڪنهن عالمي بلاڪ جي سياست جو حصو نه هجو، قومي مفاد جي مٿانهون رکو، هن چيو ته نئين پاڪستان ۾ قانون جي حڪمراني، فلاحي رياست ۽ آزاد پرڏيهي پاليسي بنيادي ٿنڀ آهن، ٻاهرين امداد جي ڪري پنهنجي ماڻهن جي مفادن جو سودو نه ڪرڻ گهرجي، ٻاهرين امداد وٺي پاليسيون ٺاهڻ جو سڀ کان وڏي قيمت اسان جي عوام ادا ڪئي ۽ ان جو فائدو اشرافيه کي ٿيو. قومي سلامتي جي صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته ان قومي ڊائيلاگ ۾ ايشيا جي 7 ملڪن جي قومي سلامتي جا صلاحڪار شريڪ ٿي رهيا آهن. ان ڊائيلاگ ۾ ايشيائي سيڪيورٽي ۾ تعاون تي غور ٿيندو، اهڙن فورمن تي اڪثر سرڪاري عملدار شريڪ ٿيندا آهن تنهن هوندي به اسان ان کان هٽي ڪري به ماڻهن کي دعوت ڏني آهي.