APP44-130121 SWABI: January 13 – Speaker National Assembly Asad Qaiser addressing public gathering after inaugurating Medical Wards of Nursing and Paramedic Institute at Bacha Khan Medical Complex. APP

صوابي – 13 – جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ڪورونا جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ پاڪستان جي حڪمت عملي ڪامياب رهي آهي، عوام جي ڀرپور تعاون سان اهو ممڪن ٿيو، وزيراعظم عمران خان ۽ سندس ٽيم جي محنت جي ڪري پاڪستان جي معيشت ۾ بهتري آئي آهي، ورلڊ اڪنامڪ فورم سميت دنيا جا ٻيا ادارا پاڪستان جي معيشت جي بهتري جي واکاڻ ڪري رهيا آهن، هن وقت ملڪ ۾ وچولو طبقو اقتدار ۾ آهي، اسان عوام جي اميدن تي پورو لهنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن باچا خان ميڊيڪل ڪامپليڪس ۾ نرسنگ ۽ وبائي مرضن جي انسٽيٽيوٽ جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.