ڪوئيٽا – 07 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪجهه طاقتون بلوچستان ۽ ملڪ ۾ استحڪام نه ٿيون چاهين، بلوچستان جي مستقبل جي حڪمت عملي طئي ڪرڻ جي لاءِ سمورين سياسي قوتن سان ڳالهه ٻولهه ڪنداسين، بلوچستان صحت سميت عوامي مفاد جي مختلف شعبن ۾ بلوچستان صوبو سنڌ جي خدمتن مان فائدو کڻندي نرسنگ سميت مختلف شعبن ۾ نوجوانن جي تربيت لاءِ سنڌ حڪومت جي نظام کي ڪاپي ڪري سگهي ٿو، ڪڇي ڪينال جي آئوٽ سورسنگ جي امڪانن تي غور ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعليٰ آفيس بلوچستان جي امن امان جي صورتحال ۽ صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي حوالي سان بريفنگ اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، بلوچستان جي گورنر شيخ جعفر خان مندوخيل، بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي، صوبائي وزيرن ۽ اعليٰ وفاقي ۽ صوبائي عملدارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته دهشتگردي ۽ منشيات جي اسمگلنگ جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي، اسمگلنگ ملڪي معيشت جي لاءِ نقصانڪار آهي ۽ معاشي استحڪام جي لاءِ ان جو تدارڪ ضروري آهي. هن چيو ته سرحدي علائقن جي عوام جي روزگار جي لاءِ موثر حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي. صدر قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي زور ڏنو ته اهي دهشتگردي جي خلاف ڪارروايون جاري رکن. اجلاس ۾ دهشتگردي جي خلاف متفقه قومي بيانيو اختيار ڪرڻ جي لاءِ مشاورت شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. صدر چيو ته بلوچستان جي پٺتي پيل ۽ عوام جي معاشي ڪمزورين جو مڪمل ادراڪ آهي، نرسنگ سميت مختلف شعبن ۾ نوجوانن جي تربيت لاءِ سنڌ حڪومت جي نظام کي ڪاپي ڪري سگهجي ٿي، بلوچستان جي فني طور تي هنرمند نوجوانن جي ٻاهرئين ملڪ نوڪرين جي لاءِ پرڏيهي وزارت جي ذريعي مختلف ملڪن کان تعاون حاصل ڪيو وڃي. صدر چيو ته صوبي ۾ صحت جا مسئلا وڌيڪ ۽ سهولتون ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهن، صحت سميت عوامي مفاد جي مختلف شعبن ۾ بلوچستان صوبو سنڌ جي خدمتن مان فائدو کڻي سگهي ٿو، ٻئي صوبا عوامي مفاد جي مختلف شعبن ۾ تعاون جي لاءِ گڏيل طور تي حڪمت عملي طئي ڪن. صدر چيو ته بلوچستان جي پسماندگي جي خاتمي جي لاءِ وفاق پاران مخصوص فنڊز کي وقت سر جاري ڪرڻ لازمي آهي، عوامي مفاد جي لاءِ ڪجهه چونڊ منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي فنڊز جاري ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته ڪڇي ڪينال جي آئوٽ سورسنگ جي امڪانن تي غور ڪيو وڃي، منصوبن جي تڪميل لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي نظام تي پڻ غور ڪيو وڃي. صدر چيو ته بلوچستان جي زمينن کي پوکيءَ جوڳو بڻائڻ ۽ پاڻي جي کوٽ جي حل لاءِ وچ ايشيا کان پاڻي جي پهچ ۽ سيلابي ڊيمز جي تعمير جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي پڻ خيالن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته صوبائي حڪومت کي گورننس، ماحولياتي تبديلي ۽ امن امان جا چئلينجز درپيش آهن، بلوچستان جي ڏورانهن علائقن ۾ بنيادي مواصلاتي ڍانچي جي کوٽ جي ڪري بنيادي سهولتن جي فراهمي وڏو چئلينج آهي، وفاق پاران پي ايس ڊي پي ۽ وڏي ترقياتي منصوبن جي لاءِ مخصوص فنڊز جاري ڪرڻ ۾ تيزي جي ضرورت آهي. بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته وفاق پاران فنڊز جي وقت سر جاري ٿيڻ سان عوامي مفاد جي منصوبن جي وقت سر تڪميل ممڪن آهي. اجلاس دوران صوبائي حڪومت پاران وفاق کان مختلف ترقياتي منصوبن تي تعاون جي درخواست ڪئي وئي. ترقياتي منصوبن ۾ برج اعظم خان ڊيم، ڪڇي ڪينال، حب – دريجي کان دادو رستي جي تعمير، گڏاڻي شپ بريڪنگ يارڊ، گوادر پورٽ، نوجوانن کي هنر جي فراهمي ۽ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان منصوبا به شامل آهن. وڏي وزير چيو ته بلوچستان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ سنجيده آهيون جڏهن ته مستقبل جي حڪمت عملي جي لاءِ ڳالهين کان انڪار ممڪن نه آهي. هن چيو ته ڳالهين جي ايجنڊا قومي سطح تي اتفاق راءِ سان طئي ڪرڻ گهرجي.