KHAN YUNIS, GAZA - MAY 13: Smoke and flame rise after Israeli fighter jets' airstrike hit an area in Khan Yunis, Gaza on May 13, 2021. The death toll from Israeli airstrikes in Gaza climbed to 67 Thursday, including 17 children and six women, with 388 injured. (Photo by Abed Rahim Khatib/Anadolu Agency via Getty Images)

رام الله- 6 فيبروري(اي پي پي) اسرائيلي فوج جنوري ۾ فلسطينن جي حقن جون 3 هزار 532 خلاف ورزيون ڪيون ۽ 8 ٻارن سميت 35 فلسطينن کي شهيد ڪيو آهي. ترڪ خابرو اداري مطابق فلسطيني سول سوسائٽي جي تنظيم ”فلسطيني انفارميشن سينٽر“ جي رپورٽ مطابق گذري مهيني والاريلاولهندي ڪناري ۽ اوڀر القدس ۾ فلسطينن خلاف يهوري آباد ڪارن ۽ اسرائيلي فوج طرفان ڪيل وڏهه ۽ حقن جي خلاف ورزين ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. اسرائيلي فوج گذريل مهيني هڪ بزرگ عورت ۽ 8 ٻارن سميت 35 فلسطينن کي شهيد ۽ 342 کي زخمي، 568 فلسطينن کي گرفتار ڪيو، اسرائيلي فوسز ۽ يهودي آبادڪارن فلسطينن جي حقن جون 3 هزار 532 خلاف ورزيون ڪيو. يهودي آبادڪارن غيرقانوني آبادڪاري جي 17 ڪارروائيون ڪيون ۽ 319 حملا ڪيا. جنوري ۾ اسرائيلي فورسز هٿان 40 فلسطينن جا گهر تباه ٿيا ۽ 154 گهرن تي ڇاپا هيان. ساڳي عرصي دوران عبادت گاهن تي 29 حملا، 38 روڊن ۽ علائقن جي بند ڪيا ۽ القدس ۽ اولهندي ڪناري ۾ 511 مستقل ۽ عارضي رڪاوٽون لڳايون. فلسطينن خلاف سڀ کان وڌيڪ خلاف ورزيون نابلس ۾ 894، القدس ۾ 462 ۽ رام الله ۾ 438 خلاف ورزيون ڪيون آهن.