تاشقند – 16 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تاشقند ۾ ”سينٽرل اينڊ سائوٿ ايشيا 2021ع: ريجنل ڪنيڪٽيوٽي: چئلينجز اينڊ اپرچونيٽيز“ جي موضوع تي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي لاءِ انٽرنيشنل ڪانگريس هال ۾ پهتو ته ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزايوف وزيراعظم عمران خان جو استقبال ڪيو. ازبڪستان جو صدر ڪانفرنس هال ۾ وزيراعظم عمران خان جي استقبال لاءِ اڳ ۾ موجود هو، بنهي اڳواڻن بعد ۾ اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڪانفرنس ۾ وزيراعظم عمران خان کانسواءِ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل ۽ افغانستان جو صدر پڻ شرڪت ڪري رهيا آهن.