تاشقند – 15 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي اعزاز ۾ ازبڪستان جي صدارتي محل ۾ باضابطا آجياڻي واري تقريب جو اهتمام ڪيو ويو. وزيراعظم جو ڪوڪساري صدارتي مهل اچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ کيس گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف وزيراعظم جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا ۽ ازبڪستان جي هٿياربند فوج جي هڪ دستي وزيراعظم کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو. ازبڪ صدر ڪابينا جي ميمبرن جو وزيراعظم سان تعارف ڪرايو جڏهن ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي وفد جي ميمبرن کي ان سان متعارف ڪرايو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان ۽ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف غيررسمي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي.