اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته داسو واقعي جي شروعاتي جاچ ۾ ڌماڪيدار مواد جي آثار جي تصديق ٿي وئي آهي، دهشتگردي جي امڪان رد نه ٿو ڪري سگهجي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وزيراعظم ٿيندڙ سموري اڳڀرائي جو پاڻ جائزو وٺي رهيو آهي. ان ڏس ۾ حڪومت چيني سفارتخاني سان ويجهي رابطي ۾ آهي. هن چيو ته اسان گڏجي دهشتگردي جي لعنت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهيون.