اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريم صفدر سرٽيفائيڊ ڪوڙي آهي ۽ ڪوڙ ٺاهيندڙ فيڪٽري هلائي رهي آهي، جيڪڏهن انهن ماڻهن جي رڳن م ڪشميري رت هجي ها ته شادي تي مودي بدران حريت قيادت کي گهرائين ها ۽ انهن کي عزت ڏين ها، نواز شريف جو پورو ٽبر ئي ڀڳوڙو، ڌيءَ سزا يافته، اهڙا اعزاز گهٽ ئي ڪنهن خاندان کي حاصل هوندا آهن، ان وقت ته بلڊ سيل اسٽاڪ ايڪسچينج وانگر هيٺ مٿي ٿي رهيا هئا جڏهن نواز شريف لنڊن پهتو ته ٺيڪ ٺاڪ ٿي ويو، نواز شريف ته علاج جي لاءِ هڪ انجيڪشن به ناهي لڳرائي، لنڊن ۾ پولو مئچ، پرتعيش کاڌن کان محظوظ ٿي رهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته نواز شريف لنڊن ۾ ويهي الطاف حسين ٽو بڻجي مودي جي بيانيي کي اڳتي وڌائي رهيو آهي، پاڪستان ۾ اهي خدمتون مريم جي حوالي آهن. هن چيو ته گلگت بلتستان جي عوام وانگر آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام به انهن کي 25 جولاءِ تي عبرتناڪ شڪست ڏيندي. هن چيو ته پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام مان جيڪڏهن ڪنهن کي مودي جي ڀائيٽي هجڻ جو اعزاز حاصل آهي ته اها مريم صفدر آهي، مودي جي حلف برداري تي ڀنگڙا وجهندڙ نواز شريف هندستان ويو هو، اوفا گڏيل پڌرنامي مانڪشمير ڪاز کي ڪڍي نواز ش ريف مودي سان ڪشمير جو سودو ڪيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مريم ٻڌائي ته نواز شريف مودي جي ياري ۾ ايترو ديوانو ٿي ويو هو جو ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جو نالو نه وٺندو هو. هن چيو ته عمران خان ڪشميرين جي دلير ۽ سچو وڪيل آهي، عمران خان گڏيل قومن، ٽرمپ سان ملاقات، او آءِ سي سميت هر فورم تي ڪشميرين جو ڪيس وڙهيو آهي. هن چيو ته مريم صفدر، نواز شريف جي ڪرپشن جي حقيقي وارث آهي، سندس پرورش به ڪرپشن جي پئسن سان ٿي آهي.