APP91-140721 ISLAMABAD: July 14 - Prime Minister Imran Khan addressing at the Ground Breaking Ceremony of various Projects by Capital Development Authority. APP

اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) ويراعظم عمران خان چيو آهي ته وڌندڙ آبادي ۽ پکڙجندڙ شهرن کي نظر ۾ رکندي منصوبابندي ڪرڻ جي ضرورت آهي، اسلام آباد جي لاءِ نئون ماسٽر پلان ٺاهيو وڃي، وفاقي گادي واري شهر کي پوري ملڪ جي لاءِ مثال هجڻ گهرجي، اسلام آباد ۾ قبضا مافيا کي منهن ڏيڻ اهم چئلينج آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته 1960ع کان 2010ع تائين 50 سالن ۾ اسلام آباد شهر جيترو پکڙيو، وڌيڪ ايترو 2010ع کانپوءِ وارن سالن ۾ پکڙيو جنهن جو مطلب اهو آهي ته اسلام آباد شهر تمام تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، جيڪڏهن اسان وقت جي ضرورت موجب تبديليون نه ڪيون ته اسلام آباد ۾ ٽريفڪ سميت مختلف مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو. اسلام آباد ۾ سبزو ختم ٿي رهيو آهي ۽ شهري لڏپلاڻ جا اثر تيزي سان شهر کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي رهيا آهن. اسان کي هينئر کان مستقبل جي گهرجن کي نظر ۾ رکي منصوبابندي ڪرڻي پوندي. وزيراعظم سي ڊي اي کي رستن جي تعمير تي شاباش ڏني ۽ چيو ته اسلام آباد ۾ ٽريفڪ جو مسئلو پيدا ٿيڻ وارو آهي. نئين ٽن رستن جي تعمير ڪرڻ سان اهو مسئلو حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم چيو ته گذريل 20 سالن ۾ شهر ۾ وڻن جو انگ ۽ سرسبز علائقي ۾ تيزي سان گهٽتائي ٿي رهي آهي. تعميرات ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي. پراڻي ماسٽر پلان جي جڳهه تي نئون ماسٽر پلان ٺاهڻ جي ضرورت آهي. گرين ايرياز کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ۽ سمورين خالي جاين تي وڻڪاري ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته اسلام آباد جي سڃاڻپ ان جي جاگرافيائي بيهڪ، سبز ۽ شادادبي ۽ خوبصورت موسم آهي. اسلام آباد ۾ لنڊن جيتريون برساتون پون ٿيون. اسلام آباد ۾ برسات جي موسم جي وڻڪاري پوري ملڪ جي لاءِ مثال هجڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته دبئي ۽ وچ اوڀر جهڙن ملڪن جي ڀيٽ ۾ اسلام آباد ۾ وڻڪاري آساني سان ٿي سگهي ٿي. نئين ماسٽر پلان ۾ گرين ايرياز جي خالي جاين تي وڻڪاري، ٽريفڪ جو مسئلو حل ڪرڻ ۽ قبضا گروپن جي خلاف قدمن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. وزيراعظم چيو ته پوليس کيس ٻڌايو ته جڏهن هو قبضا گروپن جي خلاف ڪارروائي ڪن ٿا ته جوابدار ضمانتون وٺي ٻاهر اچي وڃن ٿا ڇو ته انهن کي قانون جو خوف نه آهي. اهي پئسي وارا آهن ۽ سزائون ايتريون گهٽ آهن جو اهي ڊڄن نه ٿا. حڪومت ان حوالي سان نئون قانون آڻي رهي آهي. اهو مسئلو اسلام آباد جو نه پر پوري ملڪ ۾ آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ شهري لڏپلاڻ جو رجحان دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. لاهور گذريل 20 سالن ۾ ڏيڍ ڀيرا پکڙيو آهي. وڏن شهرن ۾ آلودگي جو مسئلو آهي. سردين ۾ لاهور ۾ آلودگي تمام گهڻي وڌي وڃي ٿي. اسان لاهور جي ماحول کي صاف ڪرڻ ۽ سرهن جي بٺين ۾ ٽيڪنالاجي جي منتقلي جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. وزيراعظم هدايت ڪئي ته برسات جي موسم ۾ ڀرپور وڻڪاري ڪئي وڃي. پشاور ۽ لاهور ۾ به تيزي سان ڦهلاءُ وڌي رهيو آهي. هن چيو ته اسلام آباد ۾ پارڪس کي بحال ڪيو پيو وڃي. فيمليز جي لاءِ تفريح جا موقعا وڌايا پيا وڃن هن هدايت ڪئي ته موجوده پارڪس جي حالت بهتر بڻائڻ سان گڏ نئين پارڪس جي تعمير پڻ ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت آئي ته سي ڊي اي 4، 5 ارب رپين جي خساري ۾ هئي اڄ سي ڊي اي جي اڪائونٽ ۾ 36 ارب رپيا موجود آهن. هن سي ڊي اي چيئرمين ۽ سندس ٽيم جي بهترين ڪارڪردگي کي ساراهيو.