
اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان انساني حقن واري وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري ۽ ڊفينس آف هيومن رائيٽس جي چيئرپرسن آمنه مسعود جنجوعه ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ٻڌايو ويو ته پارلياماني ڪميٽي ۾ ان حوالي سان موجود بل کي پڻ جلد ئي منظوري جي لاءِ پيش ڪيو ويندو. وزيراعظم ڊاڪٽر شيرين مزاري جي سربراهي ۾ وزارت جي انساني حقن جي تحفظ جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو.