اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پي ٽي وي کي ايڇ ڊي ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم ايڇ ڊي ٽرانسميشن افتتاح ڪندو، گذريل حڪومت جي دورن ۾ 1800 ماڻهن کي ڏهاڙي اجرت تي ڀرتي ڪري مستقل ڪيو ويو جنهن جي ڪري پورو ادارو ويهي رهيو، هاڻي اسان هن ٻن سالن ۾ اداري جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻايو آهي، ان کي اسان مڪمل طور تي منافعو ڏيندڙ ادارو بڻائينداسين. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر سيمي ايزدي، سينيٽر افنان الله خان ۽ سينيٽر رخسانه زبيري جي سوالن جي جواب ۾ چوڌري فواد حسين چيو ته 55 ڪروڙ رپيا جيڪي پي ٽي وي کي مليا ان ۾ اسلام آباد سينٽر کي مڪمل طور تي ايڇ ڊي ڪري ڇڏيو آهي، پي ٽي وي مڪمل طور تي ايڇ ڊي ٿي ويو آهي، 4 آگسٽ تي وزيراعظم پي ٽي وي جي ايڇ ڊي ٽرانسميشن جو افتتاح ڪري رهيو آهي، پي ٽي وي ۾ اصل مسئلو اهو آهي ته گذريل حڪومتن جي دورن ۾ 1800 ملازم ڊيلي ويجز تي ڀرتي ڪيا ويا، پوءِ انهن کي ريگيولر ڪيو ويو، اسان کي ان جو 32 ڪروڙ رپين جو خرچ ڏيڻو پوي ٿو جنهن جي ڪري پورو ادارو ويهي رهيو آهي، هاڻي اسان هن ٻن سالن ۾ اداري جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻايو آهي، ان کي اسان مڪمل طور تي منافعو ڏيندڙ ادارو بڻائينداسين، اميد آهي ته هڪ سال تائين اسان پي ٽي وي جي جيڪا لائيسنس فيس وٺندا آهيون اها به نه وٺنداسين، اسان ان کي پنهنجي پيرن تي بيهارينداسين. هن چيو ته پي ٽي وي نيوز ايڇ ڊي ٿي چڪو آهي، پي ٽي وي هوم جزوي طور تي مڪمل ٿي چڪو آهي، پي ٽي وي اسپورٽس کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ايندڙ 6 مهينن ۾ ايڇ ڊي ڪيو ويندو.