اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريم صفدر ٻڌائي 2015ع ۾ اوفا گڏيل پڌرنامي ۾ نواز شريف مودي کي خوش ڪرڻ جي لاءِ ڪشمير مسئلو ڇو شامل نه ڪيو هو، پاڪستان جي تاريخ ۾ نواز شريف بطور وزيراعظم گڏيل پڌرنامي ۾ ڪشمير جو ذڪر نه ڪري ڪشميرين جي جدوجهد کي نقصان پهچايو هو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته مودي جي ڀائيٽي مريم ٻڌائي گذريل 5 سالا دور حڪومت ۾ هڪ طرف مودي ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيو هو ته توهان جندال سان ڪاروباري لاڳاپا ٺاهي رهيا هئا، مودي جي ياري ۾ حلف نامي تقريب تي ڀارت وڃي ٿو ۽ روايتن کي نظرانداز ڪندي حريت اڳواڻن سان نه مليو هو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪشمير جي وڪالت ڪندي پوري دنيا ۾ مودي جي آر ايس ايس انتهاپسنداڻي سوچ کي واضح ڪيو، ڪشميري ڄاڻين ٿا ته وزيراعظم عمران خان انهن جو سچو ۽ بهادر وڪيل آهي.