اسلام آباد – 12 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شهباز شريف کي گهرجي ته هو 25 ارب رپين جي ڦرلٽ جو جواب ڏي، شهباز شريف جي پريس ڪانفرنس مان اميد هئي ته هو پنهنجي ڪرپشن جي حوالي سان وضاحت ڪندو، پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ ۾ اها شيءَ هڪ جهڙي آهي ته جيڪو پئسو پنجاب ۽ سنڌ کي ڏنو ويو اهو لنڊن مان برآمد ٿيو، گذريل ٽن سالن دوران قومي احتساب بيورو 427 ارب رپيا ريڪور ڪيا، افغانستان جي صورتحال جو ويجهي کان جائزو وٺي رهيا آهيون، افغانستان ۾ پائيدار امن جي لاءِ عالمي برادري پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو آهي، وزيراعظم عمران خان واضح ڪيو آهي ته پاڪستان آمريڪا سان رڳو امن جو حصيدار ٿيندو، (ن) ليگ پاران آزاد ڪشمير اليڪشن ۾ وقت کان ڌانڌلي جو شوشو سمجهه کان ٻاهر آهي، آزاد ڪشمير ۾ پي ٽي آءِ جي پوزيشن مستحڪم آهي، پيپلزپارٽي جا رڳو 8 اميدوار آزاد ڪشمير اليڪشن ۾ حصو وٺي رهيا آهن، مريم صفدر کي ڪشمير جي حوالي سان ڪا خبر نه آهي، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي هاءِ پروفائيل ڪيسن جي اوپن ٽرائل جي اپيل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر ۽ وزيراعظم جي احتساب واري صلاحڪار شهزاد اڪبر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته افغانستان ۾ امن قائم ٿئي، اسان افغانستان جي صورتحال جو ويجهي کان جائزو وٺي رهيا آهيون. هن چيو ته آمريڪا، روس، چين سميت عالمي طاقتون افغانستان جي اندر پاڪستان جي ڪردار کي ساراهي رهيون آهن، وزيراعظم عمران خان جهڙي طرح پاليسي بيان ڏنو ته اسان امن ۾ ته پارٽنر ٿينداسين پر تڪرار ۾ پارٽنرشپ نه ڪنداسين، اهو ئي اصول عمران خان طئي ڪيو هو. هن چيو ته قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ سمورين سياسي پارٽين انهي موقف جي حمايت ڪئي. افغانستان جي حوالي سان اسان جي پاليسي واضح آهي ۽ اسان ان طرف وڌي رهيا آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪشمير جي اندر پي ٽي آءِ جي پوزيشن مستحڪم آهي، پي ٽي آءِ اها واحد پارٽي آهي جيڪا ڪشمير اليڪشن ۾ هر سيٽ تي پنهنجو اميدوار بيهاري سگهي آهي، ان کانسواءِ ڪنهن ٻي سياسي پارٽي اتي سمورين سيٽن تي اميدوار ئي نه بيهاري سگهي، بلاول ڀٽو کي جڏهن خبر پئي ته ڪشمير اليڪشن ۾ انهن جا اميدوار ئي پورا نه آهن ته هو اتان ڀڄي ويو. پيپلزپارٽي جا رڳو 8 تڪن ۾ اميدوار آهن. هن چيو ته ڪشمير اليڪشن مهم ۾ بلاول ڀٽو کي ناڪامي کي منهن ڏيڻو پيو، هو مهم اڌوري ڇڏي فرار ٿي ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مريم نواز وٽ ڪا پاليسي نه آهي، کيس ڪشمير جي تاريخ جي ڄاڻ ئي نه آهي. هن چيو ته پاڪستانين ڪشميرين جي لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. مريم نواز ڪشمير ۾ جيڪو ڀاشن ڏئي رهي آهي ان جو نه سر آهي نه پير. هن چيو ته (ن) ليگ هينئر کان ئي اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي واويلا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي ڇو ته کيس خبر آهي ته ڪشمير جي اندر انهن جي سياسي پوزيشن نه هجڻ جي برابر آهي. هن چيو ته تمام جلد مريم نواز به اليڪشن مهم کان فراريت اختيار ڪندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شهباز شريف پريس ڪانفرنس ۾ گئس ۽ بجلي بابت ڊگهي ڳالهه ٻولهه ڪئي، اسان کي اميد هئي ته هو ان ڪيس تي روشني وجهندو جنهن ۾ ايف آءِ اي ۽ نيب جاچ ڪري رهيا آهن ته جيئن اسان کي به خبر پوي ته 25 ارب رپين جي اها رقم ۽ ان کانپوءِ ٻيا ڪيسز ٺهيا آهن، ان ۾ ان جو جواب ڪهڙو آهي. هن چيو ته جڏهن شهباز شريف کان پڇيو وڃي ٿو ته سندس اڪائونٽ ۾ ايترا پئسا ڪيئن نڪتا ته ان جو جواب اهو هوندو آهي ته مون پنجاب ۾ ميٽرو ٺاهي، جڏهن کانئس پڇيو وڃي ته سندس پٽن پاڪستان مان اربين رپيا ٻاهر منتقل ڪيا آهن ته سندس جواب پاڻي جي اسڪيمن تي ڪم ڪرڻ هوندو آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ ۾ اها شيءَ هڪ جهڙي آهي ته جيڪو پئسو پنجاب ۽ سنڌ کي ڏنو ويو اهو لنڊن مان نڪتو. هن يچو ته جيڪي پراپرٽيز انهن جون سامهون آيون آهن انهن جو انڪشاف پاناما مان ٿيو، اسان کي ته خبر ئي نه آهي ته انهن جون ٻيون ڪيتريون ملڪيتون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 427 ارب رپيا نيٽ ريڪور ڪري چڪو آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته سپريم ڪورٽ کي هاءِ پروفائيل ڪيسز جي اوپن ٽرائل جي اپيل ڪريون ٿا، ان سان عدل جي نظام تي عوام جو اعتماد بحال ٿيندو. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جوڊيشل ريفارمز تي ڪم جاري آهي، ڪرمنل جوڊيشل ريفارمز ۽ وڏين ريفارمز تي آئين ۾ ترميم جي ضرورت آهي، اسان چاهيون ٿا ته مخالف ڌر اليڪٽورل ريفارمز ۽ جوڊيشل ريفارمز تي اسان سان گڏ اچي ويهي. هڪ سوال تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته افغانستان سان پاڪستان جي سرحد جي 90 سيڪڙو علائقي تي خاردار تار لڳائي وئي آهي، هاڻي ان تي چرپر اسان جي ڪنٽرول ۾ آهي، اسان ڪسٽم ۽ بارڊر ڪنٽرول جو نظام آڻي رهيا آهيون. هن چيو ته ايندڙ مرحلي ۾ افغان پناهگيرن جي ٺوس طريقي سان ڪيمپنگ ڪنداسين. هن چيو ته اسان افغانستان ۾ امن جي لاءِ دعاڳو آهيون.