
اسلام آباد – 12 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريم صفدر ۽ سندس والد نواز شريف ۽ مودي جي بيانيي ۾ ڪو فرق نه آهي، نواز شريف جي ڀارت نواز بيانيي کي ملڪ جي اندر مريم اڳتي وڌائي رهي آهي، ادارن ۽ انهن جي سربراهن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، مريم صفدر ڊان ليڪس جي خالق آهي، ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو جي پڪڙجڻ تي انهن جي زبان بند هوندي آهي، مودي جي حلف برداري تي وڃن ٿا ته مودي کي خوش ڪرڻ جي لاءِ ڪشميري حريت اڳواڻن سان نه ٿا ملن ۽ ڀارتي اداڪارن سان ملن ٿا، شادي جي تقريب ۾ مودي کي ته گهرائي سگهجي ٿو پر حريت اڳواڻن کي نه، نواز شريف لنڊن ۾ ويهي الطاف حسين ٽو بڻيل آهي، هي ته مودي جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت ۽ ڀارتي اداڪارن سان ته ملندو هو پر مودي جي چوڻ تي حريت اڳواڻن سان نه مليو هو. پنهنجي ٽوئيٽ ۽ صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته نواز شريف جو بيانيو اقتدار ۾ اچي ڦرلٽ ڪرڻ آهي، مني لانڊرنگ ۽ جعلي اڪائونٽس انهن جي سڃاڻپ آهي، نواز شريف جو بيانيو رڳو شريف خاندان جي دولت ۾ ترقي آهي، عوام انهن جي دور ۾ غريب کان غريب تر ٿي، (ن) ليگ جي دور ۾ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر هئا، انهن جو بيانيو اهو آهي ته پئسو لڳائي اقتدار ۾ اچو، اقتدار ۾ اچي پئسو ڊبل ڪريو، جڏهن ڪير پڇي ته ان کي انتقامي ڪارروائي قرار ڏئي ڇڏيو، ”کائي ٿو ته لڳائي به ٿو“ جو پيغام انهن ملڪ ۾ ڏنو، عوام انهن جي ان بيانيي سان گڏ نه آهي. هن چيو ته بيانيو اهو هوندو آهي جيڪو ملڪ جي اندر ويهي ملڪي سلامتي ۽ ترقي جو هجي، جيڪڏهن ملڪ ۾ ڪو بيانيو هلي رهيو آهي ته اهو عمران خان جو بيانيو آهي، عمران خان ملڪي مفاد ۾ ايبسلوٽلي ناٽ (هرگز نه) چيو، عمران خان ڪشميرين جو سچو وڪيل ۽ سفير بڻيو، هن مودي ۽ آر ايس ايس جي هندوتوا سوچ کي بي نقاب ڪيو. هن چيو ته ڀارت ملڪ جي اندر حملو ڪرائي يا ڪلڀوشن ياديو پڪڙيو وڃي ته (ن) ليگ وانگر خاموش نه رهو پر کلي دنيا کي ٻڌايو ته ڀارت اسان جي ملڪ جي اندر حملو ڪرائي رهيو آهي. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته انهن جي گهر شادي تي مودي اچي ٿو، اڄ ڪشميري عوام انهن کان پڇي رهي آهي ته انهن حريت اڳواڻن کي به شادي تي گهرايو يا ڪشمير جي آزادي جي حوالي سان ڳالهه ڪئي يا ڀارتي فوج جي ڪشميرين تي ظلم ۽ ڏاڍ بابت پڇيو هو، هي ته مودي جي حلف برداري تقريب ۾ ويندا هئا، ڀارتي اداڪارن سان ملندا هئا ۽ مودي جي چوڻ تي حريت اڳواڻن سان نه ملندا هئا. هن چيو ته مريم صفدر اڄ ڪشمير جي نام نهاد چيمپيئن بڻيل آهي، ڪڏهن پنجاب، سنڌ، سوات جي ڌيءَ بڻجي وڃي ٿي، انهن جو ڪو هڪ روپ نه آهي، مريم سرٽيفائيڊ ڪوڙي آهي جيڪا چوندي هئي ته لنڊن ته ڇا پاڪستان ۾ به ڪا جائيداد نه آهي، اڄ ڪهڙي منهن سان عمران خان تي تنقيد ڪري ٿي. هن چيو ته نواز شريف جي ڀارت نواز بيانيي کي ملڪ جي اندر مريم اڳتي وڌائي رهي آهي، ادارن ۽ انهن جي سربراهن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، نواز شريف لنڊن ۾ ويهي الطاف حسين ٽو بڻيل آهي، هو سرحدن تي شهيد ٿيندڙ ڪيترن ماڻهن جي گهر ويو آهي. هن چيو ته پاڪ فوج جون قربانيون آهن، پاڪ فوج جي جوانن قربانيون ڏنيون آهن، انهن قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا.