اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾ ملڪ ترقي جي راهه تي گامزن آهي، وزيراعظم عمران خان جي معاشي ٽيم جي اڻٿڪ محنت جي ڪري ڪورونا وبا جي باوجود ملڪي معيشت بهتر ٿي آهي، ڪورونا وبا دوران احساس پروگرام سان ڪروڙين ماڻهن کي ريليف مليو، وفاقي بجيٽ جي منظوري اتحادين پاران حڪومت تي اعتماد جو اظهار آهي، مستحڪم ۽ پرامن افغانستان پاڪستان جي بهترين مفاد ۾ آهي. هتي جاري پڌرائي موجب اسپيڪر چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ يونيورسل صحت انشورنس جي شروعات ڪئي وئي آهي، خيبرپختونخواهه جو هر شهري 10 لک تائين مفت علاج ڪرائي سگهي ٿو، خيبرپختونخواهه ۾ سياحت جي فروغ تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. اسپيڪر چيو ته صوابي ۾ اربين رپين جي ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي، صوابي جي گهر گهر کي گئس فراهم ڪئي ويندي، صوابي ۾ تعليم ۽ صحت تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي.