اسلام آباد – 10 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ايرا جي جاري نئين سر تعمير ۽ ترقياتي منصوبن جو جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم هائوس ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته 2006ع ۾ پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين ايرا 14 هزار 704 منصوبن جي ترقياتي پورٽ فوليو جو 75 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪري ورتو آهي جڏهن ته ان مان 14 سيڪڙو منصوبا تعمير هيٺ آهن. تعمير هيٺ منصوبن ۾ خيبرپختونخواهه جا 885 ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جا هڪ هزار 214 منصوبا شامل آهن. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي عوام جي سهولت لاءِ جاري منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.