ايبٽ آباد – 10 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته آزاد ڪشمير اليڪشن ۾ ٻه ٻار پنهنجي ابوئن جي ڪرپشن بچائڻ نڪتا آهن، بلاول ۽ مريم نواز کي ڪشمير جي تاريخ جي خبر ئي نه آهي، جن ڪڏهن پنهنجي هٿ سان هڪ رپيو تائين ناهي ڪمايو اهي ملڪي معيشت ڇا هلائيندا، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي ۾ بادشاهت جو ڪلچر آهي، (ن) ليگ جڏهن اقتدار ڇڏي وئي ته ملڪ ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ويجهو هو، اڄ پاڪستان پنهنجي پيرن تي بيٺل آهي، اسان تاريخ جي سڀ کان وڏي ترقياتي بجيٽ پيش ڪئي، اسان کي پاڪستان کي هڪ نئين منزل کان روشناس ڪرائڻو آهي، انشاءَ الله آزاد ڪشمير ۾ به تحريڪ انصاف جي حڪومت هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان کي قوم کي هڪ نئين منزل کان روشناس ڪرائڻو آهي، عمران خان اڳ ۾ پاڪستان ۾ انهن بتن کي ٽوڙيو، پوءِ گلگت بلتستان ۾ انهن کي شڪست ڏني، هاڻي انشاءَ الله ڪشمير به پاڪستان تحريڪ انصاف جو هوندو. هن چيو ته ڪشمير اليڪشن مهم هلي رهي آهي، ان کان اڳ گلگت بلتستان ۾ مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو اليڪشن مهم هلائيندا رهيا پر جڏهن اهي تقريرون ڪري ٿڪي پيا ته انهن کي خبر پئي ته انهن جا ته اميدوار ئي پورا نه هئا، ڪشمير ۾ به اهو ئي ڪجهه ٿي رهيو آهي، مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو تقريرون ته ڪري رهيا آهن پر انهن ٻنهي کي ڪشمير جي تاريخ جي خبر ئي نه آهي، اهي نه ٿا ڄاڻين ته ڪشمير سان پاڪستان جي ماڻهن جي وابستگي ڇا آهي، مريم نواز اها ئي آهي جن جي گهر شادي جي تقريب ۾ مودي ڀنگڙا وجهي رهيو هو، بلاول ۽ مريم کي ڪهڙي خبر ته پاڪستان جي ماڻهن ڪشميرين جي لاءِ ڪهڙيون قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته اسان ڪشميرين جي لاءِ ٽي جنگيون وڙهيون آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جڏهن اسان کي خبر پئي ته پاڪستان ۽ انگلينڊ ڪرڪيٽ سيريز جا مئچ ڏيکارڻ جا رائيٽس هڪ هندستاني ڪمپني وٽ آهن ته پاڪستان جي عوام جي امنگن جي ترجماني ڪندي وفاقي ڪابينا چيو ته اسان هندستان جي ڪنهن ڪمپني سان ڪو ڪاروبار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهيون، اسان معاشي ۽ جان جون قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته جهلم، ايبٽ آباد ۽ هزاره ۾ ته ڪو اهڙو قبرستان نه آهي جتي ڪنهن شهيد جي قبر نه هجي، هتي ڪو اهڙو ڳوٺ نه آهي جتي غازي نه هجي، اسان اهي سموريون قربانيون ڪشمير جي عوام لاءِ ڏنيون آهن، اسان سمجهون ٿا ته ڪشميري عوام ۽ اسان ماڻهو هڪ ئي رت جا ماڻهو آهيون، اسان جي روح ۽ سوچ گڏ آهي. هن چيو ته جيڪي ٻار ڪشمير ۾ اڄ اليڪشن مهم هلائي رهيا آهن انهن جي ڪهڙي حيثيت آهي؟ مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو جو ملڪ جي لاءِ ڪهڙو ڪردار آهي؟ انهن ڪڏهن پاڻ هڪ رپيو پنهنجي هٿ سان ڪمائي ناهي کاڌو، انهن کي ڪهڙي خبر ته ملڪي معيشت کي ڪيئن هلائڻو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اهي جڏهن پيدا ٿيا ته انهن کي خبر پئي ته انهن جي والدين پاڪستان جي ماڻهن جي خون پسيني جي ڪمائي ڦري دنيا جي هر وڏي شهر ۾ هڪ هڪ اپارٽمينٽ وٺي رکيو آهي، انهن جي نالي تي جائيدادون ٺاهيون. هن چيو ته پاڪستان جي عوام انهن کان ڦريل پئسو واپس وٺي رهندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آصف زرداري ۽ نواز شريف ڇو جلسا نه پيا ڪري سگهن، ان لاءِ جو انهن تي ڪيس آهن، اهي ڪيسز ڀوڳي رهيا آهن ۽ ٻار ابو بچائو مهم هلائي رهيا آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان عمران خان جي قيادت ۾ انهن بتن کي پاش پاش ڪيو آهي، اهڙي مافياز کي ٽوڙيو آهي جيڪي جوڊيشري تي به ڀاري هئا، انهن سمورين مخالفتن سان گڏ پاڪستان جي اندر هڪ ٽئين پارٽي جنم ورتو جيڪا غريب عوام جي نمائنده پارٽي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي کي خبر نه آهي ته ماڻهن جا ڏک ڪهڙا آهن، بلاول ۽ مريم زندگي ۾ ڪڏهن پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سفر تائين ناهي ڪيو، انهن کي ڪهڙي معيشت بدلائڻي آهي. هن چيو ته انهن پارٽين ۾ بادشاهت جو ڪلچر آهي، ٻه ٻه اڳوڻا وزيراعظم مريم نواز ۽ بلاول آڏو هٿ ٻڌي بيٺل هوندا آهن. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف هيٺئين طبقي ۽ غريب عوام جي ڳالهه ڪري ٿي. هن چيو ته جهڙي طريقي سان نواز شريف حڪومت ڇڏي ويو هو ملڪ جو ڏيوالپڻو ٿي چڪو هو، اڄ پاڪستان پنهنجي پيرن تي بيٺل آهي، اڄ اسان تاريخ جي سڀ کان وڏي ترقياتي بجيٽ ڏني آهي.