اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مريم نواز ۽ بلاول ڀٽو سياسي طور تي اڃان ٻار آهن، کين ڪشمير جي تاريخ ۽ ڪشميري عوام جي جدوجهد جي ڪا به خبر نه آهي، سندن والدين پاڪستان کي اربين روپين جي دولت لُٽڻ جي ڪيسن ۾ ملوث ۽ مفرور آهن، اهي انهن جي جاءِ ڀري رهيا آهن، انهن جي سياست جو نه ڪوئي نظريو آهي ۽ نه ئي ڪو مقصد، انهن جي تقريرن مان به خبر نٿي پوي ته هو چوڻ ڇا ٿا چاهين؟ بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز جي تقريرن تي رد عمل جو اظهار ڪندي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته 30، 30 سال حڪومت ڪندڙن کي خبر ناهي ته انهن جي پاليسي ڪهڙي آهي ۽ اهي چاهين ڇا ٿا؟ اهي پنهنجي حڪومتي دور ۾ ته ڪلڀوشن جو نالو وٺندي به ڊڄندا هئا، هنن کي ڪهڙي پاليسي هلائڻي آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪشمير جو سفير آهي، اڄ نريندر مودي کي ان لاءِ مضبوط جواب ڏنو پيو وڃي ته هتي عمران خان جي حڪومت آهي، وزيراعظم عمران خان ڪشمير جي مسئلي تي عالمي خاموشي ٽوڙي ڇڏي، او آءِ سي، سلامتي ڪائونسل ۽ پوري دنيا ۾ ڪشمير تي آواز بلند ڪيو، هن چيو ته جن جو پئسو ۽ دولت ٻاهرين ملڪ هجي، اهي ڪيئن پاڪستان جي نظريي جي حفاظت ڪندا. هن چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٻنهي پارٽين 10، 10 سال حڪومت ڪئي پر ڪارڪردگي ٻڙي ڏيکاري. بهتر ٿئي ها ته جلسن ۾ پنهنجي ڪارڪردگي ٻڌائين ها، جنهن سياسي طعنن جي محفل برپا ڪئي آهي. هن چيو ته ڪشمير جا ٽٽل رستا، صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي کوٽ تي ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي خاموشي کي ڪشميري ڄاڻن ٿا، ڪشمير جي عوام کي دوکو نٿو ڏئي سگهجي.