اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مادر ملت محترمه فاطمه جناح جي 54 هين ورسي آهي، منهنجي خاندان لاءِ سڀ کان وڌيڪ اعزاز جي ڳالهه آهي ته 1964ع جي چونڊن ۾ منهنجو چاچو چوڌري الطاف اولهه پاڪستان ۾ سندس قافلي جي اهم اڳواڻن مان هو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ محترمه فاطمه جناح جي جهلم ۾ استقبال جي هڪ يادگار تصوير به شيئر ڪئي ۽ چيو ته جهلم ۾ مادر ملت جو استقبال ڪندي اها يادگار تصوير اسان جو اثاثو آهي.