اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) سرڪاري آفيسرن جي ڪارڪردگي رپورٽ عوامي شڪايتن جي حل سان گڏ مشروط ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ڊليوري يونٽ پاران جاري بيان موجب عوامي شڪايتن جي حل لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب هڪ ٻيو تاريخي قدم کڻندي سرڪاري آفيسرن جي ڪارڪردگي رپورٽ عوامي شڪايتن جي حل سان مشروط ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ سرڪاري آفيسرن جي اي سي آر ۾ عوامي شڪايتن جي ازالي تي ڪارڪردگي جو درجو ۽ نمبر ڏيڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. بيان موجب وزيراعظم جي هدايتن تي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي طريقيڪار جوڙڻ جو خط جاري ڪيو ويو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته عوام جي شڪايتن کي حل ڪرڻ ڪنهن به سرڪاري آفيسر جي اولين ذميداري هجڻ گهرجي، شڪايتن جي فوري حل ۽ عوام جو اطمينان سرڪاري آفيسر جي ڪارڪردگي جاچڻ جو بهترين پيمانو آهي. خط ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته سرڪاري آفيسرن جي اي سي آر ۾ عوامي شڪايتن جي حل بابت ڪارڪردگي کي شامل ڪرڻ جو طريقيڪار ٺاهيو وڃي.