
اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر وفاقي جاچ اداري جي ڊائريڪٽر جنرل ثناءُ الله عباسي ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سائبر ڪرائيم جي خاتمي لاءِ موثر قدمن کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڏوهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ اداري جي صلاحيت وڌائي وڃي. ملاقات ۾ ڊي جي ايف آءِ اي اسپيڪر اسد قيصر کي اداري جي ڪارڪردگي کان آگاهه ڪندي ٻڌايو ته مالياتي، سائبر ۽ اميگريشن بابت ڏوهن جي خلاف جنگ اهم ايجنڊا آهي. ڪرپشن جي خلاف جنگ حڪومت جي اهم ايجنڊا آهي، اسپيڪر چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي بي پناهه وسيلن سان نوازيو آهي جنهن مان فائدو کڻي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪري سگهجي ٿو.