APP92-080721 ISLAMABAD: July 08 - Prime Minister Imran Khan chairs meeting on Agriculture Sector. APP

اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته غذائي تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، زرعي پيداوار ۾ اضافي لاءِ ان شعبي ۾ جدت آڻي رهيا آهيون، جامع حڪمت عملي تحت غذائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ پيداوار ۾ اضافو ڪنداسين، کير ۽ گوشت جي پيداوار وڌڻ سان قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ايگري ڊيش بورڊ تي اڳڀرائي ۽ ٻاهرين ملڪ دورن جي دوران ڪيل منصوبن ۽ معاهدن جي مانيٽرنگ ڊيش بورڊ تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ غذائي تحفظ واري وفاقي وزير فخر امام، وزيراعظم جي قومي سلامتي وارو صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، وزيراعظم جي خاص مددگار جمشيد اقبال چيمه، وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم جي غذائي تحفظ تي خصوصي ڌيان جي ويزن تحت ايگري ڊيش بورڊ سان زرعي جنسن جي گهرج ۽ کپت جا انگ اکر حڪومت کي ڪنهن به طرح جي غذائي بحرانن جي وقت سر نشاندهي ۽ ان کان بچڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا. صوبائي حڪومتن جي مدد سان ايگري ڊيش بورڊ کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن کي وڌڻ کان روڪڻ کي يقيني بڻائيندو. وزيراعظم ايگري ڊيش بورڊ جي حتمي مرحلن کي ترجيحي بنيادن تي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ ۽ ان کي جلد مڪمل فعال بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون. اجلاس کي چوپائي مال جي نسلن جي واڌ ويجهه ۾ بهتري جي حوالي سان کنيل قدمن کان به آگاهه ڪيو ويو. ڊاڪٽر معيد يوسف وزيراعظم کي ٻاهرين ملڪ دورن ۽ پاڪستان ۾ ٻاهرين ملڪن مان آيل سربراهن سان ڪيل معاهدن تي عملدرآمد جي نگراني لاءِ ٺاهيل ڊيش بورڊ جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ڊيش بورڊ نه رڳو وزيراعظم جي دورن جي تفصيلن جو رڪارڊ رکندو پر معاهدن تي عملدرآمد ۽ فيصلن جي به نگراني ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ڊيش بورڊ ۽ وزارتن جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪري معاهدن تي عملدرآمد جي رفتار وڌائڻ کي به يقيني بڻائيندو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته غذائي تحفظ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، زرعي پيداوار کي وڌائڻ لاءِ ان شعبي ۾ جدت آڻي رهيا آهيون، ايگريڪلچرل ٽرانسفارميشن پلان هڪ جامع حڪمت عملي تحت ملڪ جي غذائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ پيداوار کي وڌايو ويندو. کير ۽ گوشت جي پيداوار وڌڻ سان قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي. وزيراعظم چيو ته ٻاهرين ملڪ دورن جي دوران ڪيل معاهدن تي وقت سر عمل لاءِ رڪاوٽن جي نشاندهي ڪري ان جو تدارڪ ڪيو ويندو ته جيئن اهڙا منصوبا جيڪي ملڪ مفاد لاءِ اهم آهن انهن جي تڪميل ۾ ڪنهن به قسم جي دير نه ٿئي.