اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا جي چوٿين لهر جو خدشو آهي، ڀارت مان پکڙجندڙ وائرس وڌيڪ خطرناڪ آهي، عوام احتياط نه ڪيو ته ٻيهر لاڪ ڊائون طرف وڃڻو پئجي سگهي ٿو جنهن سان غريب طبقي جو نقصان ٿيندو آهي. ڪورونا وبا جي تازي صورتحال جي باري ۾ خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته اسان ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو آهي، دنيا جي مختلف ملڪن ۾ مختلف قسم جو وائرس موجود آهي، هن وقت خطي ۾ سڀ کان وڏو مسئلو ڀارت مان پکڙجندڙ وائرس آهي جنهن بنگلاديش، افغانستان ۽ انڊونيشيا کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ورتو آهي، افغانستان ۾ آڪسيجن جي کوٽ ٿي وئي آهي، انڊونيشيا ۾ به اهڙيون ئي حالتون آهن ۽ ماڻهو ان وائرس سبب مري رهيا آهن، الله تعاليٰ اسان تي خاص ڪرم ڪيو آهي، انسان جيتري به ڪوشش ڪري وٺي ڪاميابي الله جي هٿ ۾ آهي. وزيراعظم چيو ته مشهور پرڏيهي اخبار اڪانومسٽ جي رپورٽ موجب پاڪستان ڪورونا سان بهترين طريقي سان منهن ڏنو ۽ پنهنجي عوام کي بچائيندڙ ملڪن ۾ ٽئين نمبر تي آهي. وزيراعظم ان سلسلي ۾ اين سي او سي جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته اين سي او سي حالتن جو درست تجزيو ڪندي وقت سر فيصلا ڪيا. وزيراعظم قوم کي به خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته پاڪستاني قوم جو به وڏو ڪردار آهي جنهن جي ڪري اسان خراب حالتن کان محفوظ رهياسين. قوم حڪومت جي اپيل تي عمل ڪندي احتياط کان ڪم ورتو، پاڪستان اهو ملڪ هو جتي رمضان المبارڪ ۾ به مسجدون کليل رهيون جڏهن ته سڄي دنيا ۾ مسجدون بند هيون، عوام حڪومت جي فيصلن جو ساٿ ڏنو ۽ ايس او پيز تي عمل ڪيو پر هاڻي ڪيسن جي تعداد ۾ ٻيهر کان اضافو ٿي رهيو آهي خاص طور تي ڀارتي قسم جي وائرس جي پکڙجڻ جو خدشو آهي. وزيراعظم چيو ته سڄي دنيا ۾ ماڻهو ايس او پيز تي عمل ڪري ٿڪجي ويا آهن پر چوٿين لهر کان بچڻ جو سڀ کان آسان طريقو ماسڪ جو استعمال آهي، جيڪڏهن اسان ماسڪ پائي رکون خاص طور تي بند ڪمرن، شادي هالز، ريسٽورنٽ ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ جهڙين جاين تي ماڻهو گڏ ٿيندا آهن، ۾ ماسڪ استعمال ڪن ته ان وبا کان محفوظ رهڻ ۾ مدد ملندي ۽ ان طرح اسان پنهنجي ملڪ ۽ معيشت کي بچائي سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته سڄي دنيا ۾ غريب طبقو لاڪ ڊائون جي ڪري پيڙهجي ويو آهي، لاڪ ڊائون سان سڀ کان وڌيڪ نقصان ڪمزور طبقي جو ٿيندو آهي، پنهنجي ملڪ، قوم ۽ معيشت جي خاطر اسان کي ايس او پيز تي عمل جاري رکڻ آهي، خاص طور تي پنهنجي بزرگن کي بچائڻ لاءِ خاص طور تي احتياط ڪرڻو آهي. وزيراعظم قوم کي اپيل ڪئي ته عيدالاضحيٰ جي موقعي تي پهرين وانگر ايس او پيز جي پابندي ڪن ۽ ماسڪ ضرور استعمال ڪن، جيڪڏهن عوام احتياط کان ڪم نه ورتو ته حڪومت کي لاڪ ڊائون ۽ سخت فيصلن طرف وڃڻو پوندو جنهن سان ملڪ جي معيشت ۽ سياحت به متاثر ٿيندي ان لاءِ عوام بنگلاديش، انڊونيشيا جهڙي مشڪل صورتحال کان بچڻ لاءِ هاڻي کان ايس او پيز تي سختي سان عمل شروع ڪري ڇڏي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ڪورونا جي ويڪسين ناهي ٺاهيندو اسان کي اها ويڪسين ٻين ملڪن کان گهرائڻي پوندي آهي ان لاءِ سڄي آبادي جي ويڪسينيشن ۾ وقت لڳندو جيئن جيئن اسان کي ويڪسين ميسر ايندي رهندي اسان عوام کي ويڪسين لڳائيندا رهنداسين، وزيراعظم شهري علائقن ۾ وڌيڪ ويڪسينيشن جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته سڀني ماڻهن جي ويڪسينيشن تائين ڪورونا مختلف صورتن ۾ حملا آور ٿيندو رهندو.