APP85-080721 ISLAMABAD: July 08 - Prime Minister Imran Khan addressing the inaugural ceremony of Pakistan's First Indigenously Manufactured Electric Bikes. APP

اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت ڊگهي مدي واري منصوبن تحت ايندڙ نسلن کي موسمياتي تبديلي ۽ عالمي حدت ۾ اضافي ۾ منفي اثرن کان محفوظ رکڻ لاءِ ماحول دوست روڊ ميپ جوڙڻ تي ڪم ڪري رهي آهي، ان ڏس ۾ ماحول دوست اليڪٽرڪ موٽرسائيڪل (اي بائيڪ) جو منصوبو خوش آئنده آهي، جيڪو ڪيلن اينڊ گرين پاڪستان جي سلسلي ۾ حڪومت جي اليڪٽرڪ وهيڪلز پاليسي جو اهم جز آهي، اسان ملڪ کي هڪ نئون رخ ڏينداسين ۽ ايندڙ نسلن جي باري ۾ سوچينداسين، ماحوليات جي شعبي جي بهتري ۽ گلوبل وارمنگ جي حوالي سان پاڪستان جي خدمتن کي پهريون ڀيرو عالمي برادري تسليم ڪري رهي آهي، الله تعاليٰ پاڪستان کي بي پناهه وسيلن سان نوازيو آهي، موجوده حڪومت ان وسيلن جي بهتر استعمال جي منصوبابندي ڪري رهي آهي. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان جي پهرين ماحول دوست اليڪٽرڪ موٽرسائيڪل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، وزيراعظم چيو ته اهو قدم مستقبل جي سوچ تحت کنيو ويو آهي جيڪو اليڪٽرڪ وهيڪلز پاليسي ڪلين اينڊ گرين پاڪستان مهم جو حصو آهي ۽ ان پاليسي تحت هڪ مضبوط اليڪٽرڪ وهيڪل جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي ۽ ان تحت آٽو موبائل جي صنعت جي مرحيلوار منقلي ڪئي ويندي ۽ اليڪٽرڪ وهيڪلز مينوفيڪچرز کي مراعتون به ڏنيون پيون وڃن، ان ماحول دوست پاليسي سان ملڪ ۾ هوا، پاڻي ۽ شهرن کي صاف رکڻ ۾ مدد ملندي، وزيراعظم وفاقي وزير حماد اظهر ۽ خسرو بختيار کي اليڪٽرڪ وهيڪلز پاليسي جوڙڻ تي به مبارڪباد ڏني ته انهن اها پاليسي جوڙي ملڪ جي مستقبل جي رستي جو تعين ڪيو. هن چيو ته اڄ تائين جيترن ملڪن ترقي ڪئي آهي انهن هميشه مستقبل جو سوچيو آهي، وزيراعظم چيو ته چين جي ترقي جي پويان 10، 20 ۽ 30 سالن جي ڊگهي منصوبابندي آهي، هن چيو ته جيڪڏهن ڊگهي مدي واري پاليسي اختيار نه ڪئي وڃي ته ملڪ ۾ اليڪشن ٽو اليڪشن فيصلا ٿيندا آهن جنهن سان مافياز فائدو کڻي پنهنجي مفاد ۾ فيصلو ڪندي آهي ۽ ملڪ ترقي ناهي ڪندو، هن چيو ته حضور ﷺ جي فرمان جو حوالو ڏيندي چيو ته اسان کي ايندڙ زندگي لاءِ ائين جيئڻ گهرجي ته اسان سڀاڻي هليو وڃڻو آهي، پر دنيا ۾ رهڻ لاءِ مستقبل جي منصوبابندي ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته بدقسمتي سان پاڪستان اهو ملڪ آهي جتي ٻيلن کي پوکڻ جو زمين تمام گهٽ آهي، اسان انگريزن جي دور ۾ لڳايل ٻيلا به تباهه ڪري ڇڏيا آهن. وزيراعظم چيو ته حڪومت بلين ٽري منصوبي تحت نوان وڻ لڳائي رهي آهي، نيشنل پارڪس ٺاهيا پيا وڃن، شهرن جا ماسٽر پلان ٺاهيا پيا وڃن ته جيئن شهري آبادين جي بي پناهه اضافي کي روڪي سگهجي، هن چيو ته گذريل 20 سالن دوران اسلام آباد جي آبادي تيزي سان وڌي آهي، پر ان جي لاءِ مناسب منصوبابندي ناهي ٿي، پر اسان باقاعده منصوبابندي تحت شهر جي انتظامن کي بهتر بڻائينداسين، هن چيو ته آبادي ۾ اضافو ۽ منصوبابندي جي کوٽ جي ڪري اسلام آباد ۾ آلودگي وڌي آهي. جڏهن ته لاهور ۽ پشاور سميت ڪراچي ۾ به ماحوليات جا مسئلا درپيش آهن. وزيراعظم چيو ته آلودگي ۾ اضافي جي ڪري لاهور ۾ رهندڙ شهرين جي زندگي سراسري 11 سال گهٽ ٿي سگهي ٿي، هن چيو ته اليڪٽرڪ وهيڪلز پاليسي سان شهري آلودگي کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ڇاڪاڻ جو شهرن ۾ موٽرسائيڪلن جو استعمال تمام گهڻو هوندو آهي ۽ اليڪٽرڪ موٽرسائيڪل سان آلودگي ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم چيو ته حڪومت اليڪٽرڪ وهيڪلز پاليسي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کڻندي ته جيئن آلودگي ۽ ماحوليات جي مسئلن کي گهٽ ڪري سگهجي. هن وفاقي وزير حماد اظهر ۽ خسرو بختيار کي اليڪٽرڪ وهيڪلز جي پاليسي جي حوالي سان قدمن تي مبارڪباد پيش ڪئي. وزيراعظم ڊاڪٽر امجد کي اليڪٽرڪ موٽرسائيڪل متعارف ڪرائڻ تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته توهان مستقبل جي سوچ تحت اهي قدم کنيو آهي جيڪو خوش آئنده آهي، هن چيو ته حڪومت جي معاشي ٽيم اليڪٽرڪ وهيڪلز جي پاليسي جوڙي ملڪ جي مسقبل جو پلان ڏنو آهي ته حڪومت جو رخ ڪهڙو آهي، هن چيو ته الله تعاليٰ اسان کي بي شمار نعمتن سان نوازيو آهي، پر اسان انهن نعمتن مان فائدو نه کنيو ۽ هر شيءَ ٻاهران گهرائڻ جو آسان رستو چونڊيو جنهن سان اهو نقصان ٿيو ته اسان پنهنجي ڪچي مال کي استعمال نه ڪري سگهياسين ۽ ملڪ غريب ٿيندو ويو. هن چيو ته آمدني واپار ۾ اضافي سان ادائيگين جو توازن متاثر ٿيندو آهي ۽ ملڪ جي واپاري خساري ۾ به اضافو ٿيندو آهي. جيڪڏهن روانگي واپار ۾ اضافي سان وڌيڪ ڊالر ملڪ ۾ اچن ته ملڪ امير ٿيندو، جڏهن ته ان جي ابتڙ آمدني واپار وڌڻ سان ملڪ غريب ٿيندو، هن چيو ته چين روانگي واپار جي فروغ جي پاليسي سان وڌ کان وڌ ڊالر ڪمايا ۽ اڄ دنيا جي هڪ وڏي معاشي قوت بڻجي ويو آهي، اهڙي طرح ڏسندي ئي ڏسندي سنگاپور به ترقي جون منزلون طئي ڪيون. وزيراعظم چيو ته گذريل مالي سال ۾ اسان جو روانگي واپار وڌي ڪري 26 رڪارڊ ارب ڊالر تائين پهچي ويو. جڏهن ته ٻي طرف هڪ ننڍو ملڪ سنگاپور آهي جنهن جو روانگي واپار 300 ارب ڊالر آهي، سنگاپور ۾ اهو سڀ منصوبابندي تحت حاصل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ معدنيات وڏي مقدار ۾ آهي، اسان وٽ سڀ ڪجهه آهي، اسان جو ملڪ وڏو امير آهي ۽ اسان کي آمدني واپار جي ضرورت نه آهي، پر ان جي لاءِ اسان کي پنهنجي وسيلن مان فائدو کڻڻو پوندو، هن چيو ته آمدني واپار سان ملڪ کي نقصان ٿيندو، ادائيگين جي سلسلي ۾ روپئي تي بار پوڻ سان ان جو قدر گهٽ ٿيندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مهانگائي ۽ غربت وڌڻ سان گڏوگڏ ملڪ غريب ٿيندو آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان ملڪ کي هڪ نئون رخ ڏينداسين ۽ ايندڙ نسلن جي باري ۾ سوچينداسين. هن چيو ته ماحوليات جي شعبي جي بهتري ۽ گلوبل وارمنگ جي حوالي سان کنيل پاڪستان جي قدمن کي پهريون ڀيرو عالمي برادري تسليم ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسان ملڪ جي دولت ۾ اضافي لاءِ پائيدار معاشي ترقي تي خصوصي ڌيان ڏينداسين. ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن ملڪ کي ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ٿئي ته پوءِ قرض وٺڻا پوندا آهن ان جي لاءِ ڊالر جي گهٽتائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ اسان سڀئي ممڪن قدم کڻنداسين. ملڪ جي وسيلن مان فائدي کي يقيني بڻائينداسين ۽ روانگي اوپار ۾ اضافي تي خصوصي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ جڏهن ته ڪو مشڪل وقت آيو ته اسان جي عوام فراخدلي جو مظاهرو ڪيو. مون کي عوام تي ڀرپور اعتماد آهي. هن چيو ته عوام جي اعتماد جي بحالي سان ٽيڪسز جون اوڳاڙيون وڌنديون، هن چيو ته حڪومت بچت جي پاليسي سان وسيلن جي بچت ۽ عوام جي اعتماد ۾ اضافي لاءِ قدم کڻي رهي ۽ اسان جي حڪومت ايوان صدر ۽ وزيراعظم هائوس جي خرچن ۾ 108 ڪروڙ روپين کان وڌيڪ جي گهٽتائي کي ممڪن بڻايو آهي ته جيئن عوام لاءِ ورتل ٽيڪس جي پئسي کي عوام تي خرچ ڪيو وڃي جنهن سان عوام جو اعتماد بحال ٿيندو ۽ ٽيڪس سان آمدني وڌندي. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ ملڪي سربراهن جا غير رسمي دورا ان وقت ڪامياب تصور ڪيا ويندا هئا جڏهن قرض ملندو هو، پر اسان کي اهڙي طرح جي ذهني غلامي کي ختم ڪرڻو پوندو، ملڪ کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻو پوندو ۽ انشاءُ الله ايندڙ سالن ۾ پاڪستان هڪ عظيم ملڪ بڻجندو، ان کان اڳ ابتدائي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير خسرو بختيار چيو ته جنهن اڳواڻ کي ملڪ جو درد هوندو آهي اهو ئي اليڪشن کان اڳتي جو سوچيندو آهي، الله تعاليٰ جو ڪرم آهي ته وزيراعظم عمران خان به مستقبل جي سوچ تي بخوبي عمل ڪيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ پاڪستان جي معيشت پائيدار ۽ مستحڪم ٿي آهي ۽ پاڪستان دنيا ۾ بهتر مقام حاصل ڪندو.