اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته برهان واني شهيد والاريل ڪشمير جي آزادي ۽ ڀارت جي غلامي کان ڇوٽڪاري جو کليو اعلان آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته برهان واني اصل ۾ ڄمون ۽ ڪشمير واسين جي آزادي جي تڙپ جي علامت آهي، هڪ مظفر واني شهيد جي آواز جو مقابلو نه ڪري سگهندڙ ڀارت لکين ڪشميرين جي جذبي کي ڪيئن شڪست ڏيندو؟ شهادت جي ڏينهن تي ڪشمير جي ان هيرو کي سلام .