اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل صدر صديق ساجد، نائب صدر احمد نواز خان، سيڪريٽري جنرل آصف بشير چوڌري سميت ٻين نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عهديدارن جي چونڊ صحافي برادري جو مٿس اعتماد جو مظهر آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار راءِ جي بنيادي، جمهوري ۽ آئيني حق تي ڪامل يقين رکي ٿي. آزاد، فعال ۽ متحرڪ ميڊيا جمهوريت جي مضبوطي ۽ جمهوري قدرن جي فروغ لاءِ اڻٽر آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ اجلاس جي ڪارروائي عوام تائين پهچائڻ ۾ ”پي آر اي“ جو ڪردار تحسين لائق آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته صحافين کي درپيش مسئلن جو حل، انهن جي ڀلائي، سلامتي ۽ حقن جو تحفظ اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي، اميد آهي ته ”پي آر اي“ جا نوان چونڊيل عهديدار صحافي برادري جي خدمت ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا.