اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي سڀني منصوبن جو حشر اسان جي سامهون آهي، هڪ نالو صاف نه ٿيڻ سان هر سال ڪراچي ٻڏي ويندي آهي ايئن کي سنڌ حڪومت ڪيئن ايڏو وڏو پراجيڪٽ ڪي فور ٺاهي سگهي ٿي؟ ڪراچي جي عوام ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ٽينڪر مافيا جي هٿ چڙهيل آهي، ڪراچي جي عوام جو استحصال روڪڻ لاءِ ڪي فور منصوبو مددگار ثابت ٿيندو، وزيراعظم عمران خان ڪراچي ٽرانسفرميشن پلان تحت ڪي فور منصوبو واپڊا جي حوالي ڪيو، آڪٽوبر 2023ع ۾ ڪي فور منصوبو مڪمل ٿيڻ تي ڪراچي جي عوام کي 650 ملين گيلن پاڻي اضافي ملي سگهندو، هو واپڊا هائوس ۾ ڪي فور منصوبي جي حوالي سان ايم او يو تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته واپڊا وٽ ايتري صلاحيت موجود آهي ته هو ان نوعيت جا منصوبا وقت سر مڪمل ڪري سگهي، صلاحيت نه هجڻ عدم توجهه ۽ نااهلي جي ڪري اهو منصوبو ڪيترن ئي سالن کان دير جو شڪار رهيو، اسان جو رستو صحيح آهي، وزيراعظم عمران خان ڪراچي ٽرانسفرميشن پلان تحت ڪراچي جي ماڻهن کي هر ممڪن سهولتون ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته هر حڪومت جون پنهنجون ترجيحون هونديون آهن، سياستدانن جو فوڪس ايندڙ چونڊن تي هوندو آهي عمران خان اهو عظيم اڳواڻ آهي جيڪو ايندڙ نسل لاءِ ڊيمز ٺاهي رهيو آهي، هن چيو ته 70 سالن ۾ 13 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جا منصوبا ٺهيا، عمران خان 10 سالن ۾ ايترو پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي، پاڪستان جي عوام کي سستي بجلي ڏيڻ لاءِ 10 هزار ميگاواٽ بجلي جي منصوبن تي ڪم جاري آهي، هن چيو ته 45 سيڪڙو امپورٽيڊ فيول تي بجلي ٺاهڻي پئجي رهي آهي، اها انوائرمينٽ فرينڊلي به ناهي، ماضي ۾ سستا بجلي گهر نه ٺاهي مجرماڻي غفلت ڪئي وئي، هن چيو ته واپڊا تي دنيا جا سيڙپڪار اعتماد ڪري رهيا آهن، 500 ملين ڊالر جي گرين يورو بانڊ تي 6 ڀيرا وڌيڪ 3 بلين ڊالر جي سيڙپڪاري سامهون آئي. هن چيو ته آبي ذخيرن جا اهي منصوبا پاڪستان جا اسٽريٽجڪ اثاثا آهن، هن چيو ته عوام جي ڀلائي جا منصوبا مٿانهون ٿي ڪري مڪمل ڪرڻا پوندا، واپڊا جي چيئرمين جنرل (ر) مزمل چيو ته ڪراچي جي عوام کي 50 سيڪڙو صاف پاڻي جي کوٽ درپيش آهي، ڪي فور منصوبي ۾ دير جي سببن ۾ ڊزائين ۽ گرائونڊ سروي ۾ ڪمزوريون هيون، هاڻي منصوبي جي ري ڊزائيننگ ٿيندي. هن چيو ته ڪراچي جي 121 ڪلوميٽر علائقي ۾ پائيدار صاف ۽ محفوظ پاڻي پهچائينداسين، آسٽريليا ڪمپني آئي ايل او ڪنسلٽنسي، جامع پلان ۽ ڪوآرڊينيشن جون خدمتون سرانجام ڏيندي. هن چيو ته وفاق سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ حڪومت پاران ڪراچي واٽر سپلائي منصوبي ڪي فور جي حوالي تي اعتماد جو ٿورو ادا ڪريون ٿا. آسٽريليا جي سفير نڪلس ڪيلر چيو ته واپڊا هڪ بهترين ادارو آهي جيڪو 50 سالن کان سٺو ڪم ڪري رهيو آهي، اسان جي ڪمپني آءِ ايل او تي اعتماد تي ٿورو ادا ڪريون ٿا، تقريب جي پڄاڻي تي واپڊا ۽ آسٽريليا ڪمپني آءِ ايل او جي وچ ۾ ڪي فور منصوبي جي ڪنسلٽنسي معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون.