اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري پارلياماني رپورٽرز ايسوسيئيشن (پي آر اي) جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني آهي، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پنهنجي ڌار ڌار مبارڪباد وارن پيغامن ۾ پي آر اي جي نئين چونڊيل صدر چوڌري صديق ساجد، نائب صدر احمد نواز، سيڪريٽري جنرل آصف بشير چوڌري، جوائنٽ سيڪريٽري ميان منير، فنانس سيڪريٽري انتظار حيدري، اطلاعات وارو سيڪريٽري ملڪ سعيد احمد ۽ گورننگ باڊي جي ميمبرن زاهد يعقوب خواجه، اورنگزيب خان ڪاڪڙ، عاصم ياسسين، عائشه ناز، صبا بجير، رانا طارق، حافظ عبدالماجد کي سندن ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته سندن چونڊ صحافي برادري جي سندن صلاحيتن تي اعتماد جو مظهر آهي، هنن چيو ته پريس گئلري پارليامينٽ جو اهم حصو آهي، هن چيو ته پارليامينٽ جي ڪارروائي جي رپورٽنگ ڪرڻ وارا صحافي عوام جي چونڊيل نمائندن ۽ عوام جي وچ ۾ هڪ پل جو ڪردار ادا ڪندا آهن، ايوان ۾ ٿيندڙ ٻين سرگرمين کان عوام کي آگاهي فراهم ڪري اهم قومي ذميداري سرانجام ڏيندا آهن، هنن پارليامينٽ جي ڪارروائي کي عوام تائين پهچائڻ ۾ پي آر اي جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت جي فروغ ۽ جمهوري ادارن جي استحڪام لاءِ آزادي صحافت ضروري آهي. هنن پي آر اي جي نئين چونڊيل قيادت کي پريس گئلري جي صحافين کي درپيش مسئلا حل ڪرڻ ۾ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.