اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي ميمبرن، احساس جي ٽيم ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي ڪووڊ – 19 جي وبا خلاف موثر حڪمت عملي جوڙڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن اين سي او سي جي ميمبرن، احساس پروگرام جي ٽيم ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي موثر حڪمت عملي تي مبارڪباد ڏيڻ سان گڏوگڏ الله تعاليٰ جي خصوصي رحمت تي ٿورو ادا ڪيو آهي. وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مشهور عالمي جريدي اڪنامسٽ جي ”گلوبل نار ميلسي انڊيڪس“ به شيئر ڪيو آهي جنهن ۾ ڪورونا وائرس جي وبا کانپوءِ بحالي جي حوالي سان سڄي دنيا جي مختلف ملڪن جي ڪارڪردگي جي درجا بندي ڪئي وئي آهي، اڪنامسٽ ڪووڊ -19 جي وبا جي حوالي سان موثر حڪمت عملي جوڙڻ تي پاڪستان کي بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ ملڪن جي فهرست ۾ شامل ڪيو آهي، اڪنامسٽ اخبار وبا کان اڳ جي صورتحال تي واپسي جي حوالي سان دنيا جي 50 ملڪن جي درجابندي ڪئي آهي ۽ 84.4 اسڪور سان پاڪستان ٽيون ملڪ آهي جنهن جي حڪمت عملي موثر رهي آهي، پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ ڀارت 46.5 اسڪور سان انتهائي آخري ملڪن ۾ شامل آهي ۽ ان جي 48 هين پوزيشن آهي، انگن اکرن موجب چين جو اسڪور 72.9 ۽ ان جي 19 هين پوزيشن آهي جڏهن ته آمريڪا 72.8 اسڪور سان 20 هين نمبر تي آهي، اڪنامسٽ اڳ جي صورتحال جي بحالي جي حوالي سان درجابندي ڪندي ڪورونا وائرس جي وبا کان اڳ جي صورتحال تي واپسي جو سراسري اسڪور 66.6 مقرر ڪيو آهي.