اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي حوالدار لالڪ جان شهيد نشان حيدر جي شهادت جي 22 هين ورسي جي موقعي تي ان کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته 2019ع ۾ حوالدر لالڪ جان شهيد جي قبر تي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو موقعو مليو اڄ اسان قوم کي ان بهادر سپوت کي هڪ ڀيرو ٻيهر خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، هن چيو ته اهڙو جانباز سپاهي قوم جو فخر ۽ قوم جي بقاءُ آهي،الله تعاليٰ شهيد جا درجا بلند فرمائي.