اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان دليپ ڪمار جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سندس فراخدلي کي وساري نٿو سگهجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته شوڪت خانم ميموريل ٽرسٽ اسپتال منصوبي لاءِ فنڊ گڏ ڪرڻ ۾ سندس مدد ۽ فراخدلي کي فراموش نٿو ڪري سگهجي، شوڪت خانم ڪينسر اسپتال جي منصوبي لاءِ ابتدائي 10 سيڪڙو فنڊ جمع ڪرڻ جي مشڪل مرحلي تي پاڪستان ۽ لنڊن ۾ منعقد تقريبن ۾ دليپ ڪمار جي شرڪت سان اسان کي ان اسپتال جي تعمير لاءِ وڏا فنڊ جمع ڪرڻ ۾ مدد ملي، وزيراعظم چيو ته منهنجي عمر جي نسل لاءِ دليپ ڪمار هڪ عظيم ۽ ورسٽائل اداڪار هو.