اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عالمي ۽ علائقائي سطح تي ڏکين تبديلين جي دور ۾ پاڪ چين سدابهار معاون حصيداري امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ هڪ مضبوط بنياد فراهم ڪري ٿي، اسان کي امن ۽ ترقي، پنهنجي عوام جي ڀلائي ۽ پوري انسانيت جي لاءِ گڏيل مستقبل جي برادري جي جوڙجڪ جهڙن باوقار مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. پاڪستان ۽ چين آئرن برادرز آهن ۽ اسان پنهنجي بنيادي مفادن جي معاملن ۾ هڪ ٻئي جي حمايت ڪندا رهنداسين، اشرافيه جي ڏاڍ، بدعنواني ۽ هڪ هٺيءَ جي شيطاني چڪر کي ٽوڙڻ جي لاءِ مون احتساب، شفافيت، ميرٽ جي بالادستي ۽ اسلامي ڀلائي جي سنهري اصولن تي پاڪستان تحريڪ انصاف جوڙي. هن اها ڳالهه ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا (سي پي سي) جي 100 هين سالگرهه جي موقعي تي سي پي سي ۽ سياسي پارٽين جي سربراهي اجلاس کي ورچوئل خطاب ڪندي چئي. اجلاس جي صدارت ڪندي چين جي صدر شي جن پنگ افتتاحي خطاب ڪيو. اجلاس ۾ دنيا جي مختلف حصن سان تعلق رکندڙ 500 کان وڌيڪ سياسي پارٽين ۽ اٽڪل 10 هزار سياسي ڪارڪنن ۽ نمائندن پڻ ورچوئل سمٽ ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا ۽ عالمي سياسي پارٽين جي سربراهي اجلاس کي خطاب منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، آئون پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران صدر شي جن پنگ ۽ چيني عوام کي ڪميونسٽ پارتي اف چائنا جي 100 هين يوم تاسيس تي دلي مبارڪباد ڏيان ٿو، مون کي يقين آهي ته ان سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿيندڙ خيالن جي ڏي وٺ عوام جي خوشحالي جي حوالي سان اڳڀرائي ۾ سياسي پارٽين جي ڪردار تي نئين روشني وجهندو. هن چيو ته 1921ع ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جو قيام عالمي تاريخ ۾ انتهائي ڏورس اثر رکندڙ واقعو هو، ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي قيادت جي ويزن چيني قوم جي جذبن کي جلا بخشي ۽ انهن کي پرڏيهي ڏاڍ کان آزادي حاصل ڪرڻ جي دليراڻي جدوجهد شروع ڪرڻ جو حوصلو ڏنو، چيئرمين مائو زي تنگ ۽ بعد ۾ ڊينگ شيائو فينگ قومي وقار جي بحالي ۽ دنيا ۾ چين جي لاءِ ان جو جائز مقام حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ چيني عوام جي رهنمائي ڪئي. ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا ڏهاڪن کان چين جي سرحدن کان ٻاهر به ماڻهن کي نئون جذبو ۽ اميد ڏئي رهي آهي. هن نئين آبادياتي نظام ۾ جڪڙيل قومن کي آزادي جي جدوجهد جو حوصلو ڏنو ۽ اهڙي طرح نئين آبادياتي تسلط جي خاتمي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي حيرت انگيز ڪاميابي جو راز ان جي ترقي جي فلسفي ۾ عوام تي ڌيان ڏيڻ جي سوچ ۾ لڪل آهي، هي پارٽي عوام جي خدمت ۽ ان جي خوشحالي ۽ مفادن کي ترجيح ڏيڻ جي پنهنجي عزم تي قام رهي آهي. گهڻ رخي قومي ترقي، غربت جي خاتمي، بدعنواني جي خاتمي ۽ قومي تعمير ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا شاندار ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، اهو ئي سبب آهي جو چيني عوام جو ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا سان گهرو لڳاءُ، وفاداري ۽ عقيدت ڪا حيرت جي ڳالهه نه آهي. هن چيو ته ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جون ڪاميابيون سڄي دنيا ۾ سياسي پارٽين جي لاءِ سوچ جا نوان دروازا کوليا آهن، ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا اهو ثابت ڪيو آهي ته سياسي طاقت حاصل ڪرڻ جو بنيادي مقصد عوام جي زندگين ۾ تبديلي آڻڻ ۽ انهن کي پنهنجي قسمت جو پاڻ مالڪ بڻائڻ آهي، حقيقت اها ئي آهي ته سياسي پارٽيون انهي صورت ۾ عوامي حمايت حاصل ڪري سگهن ٿيون ته اهي عوام جي بي لوث خدمت ڪنديون رهن، صدر شي جن پنگ جي بصيرت افروز قيادت چين ۾ تبديلي ۽ ان جي مسلسل ترقي ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته سندس عوام دوست فلسفي اهم فرق وڌو آهي جيئن ته چين انتهائي غربت جو خاتمو ڪيو آهي ۽ اعتدال پسند خوشحال معاشرو جوڙڻ جي منزل حاصل ڪئي ۽ مريخ تي پهتو، پاڪستان عالمي امن جي تحفظ، عالمي ترقي ۾ معاون ڪردار ۽ عالمي نظام برقرار رکڻ جي لاءِ چين جي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو، صدر شي جن پنگ جي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽو جي ذريعي گڏيل خوشحالي جي ويزن جو عالمي پائيدار ترقي تي ڏورس اثر پيو آهي ۽ اهڙي طرح پنهنجي قدمن جي ڪري هو عالمي سطح جو ڏاهو سياستدان ثابت ٿيو آهي. وزيراعظم چيو ته چين صدر شي جي قيادت ۾ ڪوويڊ 19 جي وبا جي خلاف عوامي جدوجهد ۾ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي. صدر شي جو عالمي عوامي ڀلائي جي لاءِ ڪوويڊ 19 جي ويڪسينز ٺاهڻ جو اعلان سندس بصرت، همدردي جو جذبو ۽ ديانتداري جو عڪاس آهي. هن چيو ته سي پي سي جو چيني قوم کي عظيم کان عظيم تر بڻائڻ جو مشن ۽ پي ٽي آئي جو نئون پاڪستان ويزن ٻنهي ملڪن جي عوام جي باوقار امنگن جو آئينه دار آهي، اهي ٻئي پارٽيون جدوجهد، عزم ۽ ثابت قدمي جو گڏيل جذبو رکندڙ آهن، اشرافيه جي تسلط، بدعنواني ۽ هڪ هٺيءَ جي شيطاني چڪر کي ٽوڙڻ جي لاءِ احتساب، شفافيت، ميرٽ جي بالادستي ۽ اسلامي ڀلائي جي سنهري اصولن تي پاڪستان تحريڪ انصاف جوڙي، پاڪستان تحريڪ انصاف ملڪ ۾ قانون جي بالادستي، برابري ۽ انصاف جي اصل مشن تي سختي سان ڪاربند آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت پاران شروع ڪيل احساس پروگرام اڄ سڄي ايشيا ۾ سماجي تحفظ جي سڀ کان وڏن 7 نمايان پروگرامن مان هڪ آهي. ان جي ٻئي مرحلي ۾ اسان معاشري جي 80 لک غريب ترين شهرين کي سماجي تحفظ فراهم ڪرڻ جو عزم رکون ٿا، اسان صحت جي شعبي ۾ سڌارن جي حوالي سان يونيورسل هيلٿ ڪوريج کي پنهنجي ترجيح بڻايو آهي. اسان احساس سهولت پروگرام تحت شروعاتي طور تي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ خاندانن کي مفت هيلٿ انسورنس ڏيڻ چاهيون ٿا ۽ ان کانپوءِ ان سهولت جو دائرو وسيع ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته اسان جي 10 بلين ٽري سونامي منصوبي سان ماحولياتي انحطاط جي روڪٿام ۽ حياتياتي واڌويجهه جا نقصان گهٽ ڪرڻ جي عزم جو عڪاس آهي. اسان هن زمين جي ڪنڊڪڙڇ کي بچائڻ ۾ پنهنجو حصو وجهڻ ۽ ان ڏس ۾ وڌيڪ ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ صدين کان نظرانداز ماحولياتي شعبي جي مدد جي لاءِ پڻ تيار آهيون، پاڪستان اڀرندڙ عالمي ۽ علائقائي ماحول جي ڏس ۾ پنهنجي ترجيحن کي جيوپوليٽڪس مان جيو اڪنامڪس ۾ نئين سر متعين ڪيو آهي، پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) بي آر آئي جو فليگ شپ منصوبو آهي جيڪو اقتصادي هم آهنگي ۽ علائقائي رابطن تي ڌيان ڏيندي پاڪستان جي ان جيو اڪنامڪ ترجيح جي اسان جي ڪوششن کي سگهه ڏي ٿو. وزيراعظم چيو ته ان کانسواءِ صدر شي جن پنگ جي گرين چائنا ويزن سان هم آهنگ منهنجي حڪومت جو گرين ويزن سي پيڪ کي پاڪستان جي ترجيح طور گرين سي پيڪ ۾ تبديل ڪري رهيو آهي، چين سان اسان جي پائيدار دوستي ۽ سي پيڪ پنهنجي ۽ ٻين جي لاءِ امن ۽ خطي ۽ دنيا جي لاءِ گڏيل خوشحالي ۽ ترقي جي اسان جي ويزن کي سگهه ڏي ٿو، پاڪستان ۽ چين آئرن برادرز آهن ۽ اسان پنهنجي بنيادي مفادن جي معاملن ۾ هڪ ٻئي جي حمايت ڪريون ٿا، عالمي ۽ علائقائي سطح تي ڏکين تبديلينج ي دور ۾ اسان جي سدابهار تزويراتي معاون حصيداري امن، ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ هڪ مضبوط بنياد آهي، هي سال پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم جي 70 هين سالگرهه جو موقعو به آهي. ٻئي ملڪ ان تاريخي سنگ ميل کي شاندار طريقي سان ملهائي رهيا آهن. مون کي يقين آهي ته سال 2021ع اسان جي آزمايل دوستي کي نئين قوت ۽ جذبو ڏيندو. هن چيو ته اسان کي امن ۽ ترقي، پنهنجي عوام جي ڀلائي ۽ پوري انسانيت جي لاءِ گڏيل مستقبل جي برادري جوڙڻ جهڙن باوقار مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.