اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ٽيڪس جي پئسي جي بچت ۽ عوام کي زحمت کان بچائڻ جي لاءِ سيڪيورٽي ۽ پروٽوڪول سان گڏ نجي تقريب ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ايندڙ هفتي ڪابينا ان حوالي سان هڪ ٺوس پاليسي جي منظوري ڏيندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ٽيڪس جي پئسي ۽ عوام کي زحمت کان بچائڻ جي لاءِ سيڪيورٽي ۽ پروٽوڪول جسان گڏ ڪنهن نجي تقريب ۾ شريڪ نه ٿيندو ۽ وزيرن ۽ گورنرز جي سيڪيورٽي پروٽوڪول جو پڻ جائزو وٺي رهيو آهيان جڏهن ته تحريڪ انصاف جي وزيرن کي طئي ڪرڻو آهي ته اسان ڪيئن خرچ گهٽ ۽ عوام کي پهچندڙ زحمت جو خاتمو ڪري سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته ايندڙ هفتي ڪابينا ان حوالي سان هڪ ٺوس پاليسي جي منظوري ڏيندي. هن چيو ته اسان عوام تي داٻو ڪرڻ جي غرض سان شان ۽ شوڪت جي استعمال جي اهڙي بادشاهي نظام جي ميراث جو خاتمو ڪنداسين.