اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عام ماڻهو کي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار نادرا جي چيئرمين محمد طارق ملڪ ۽ اٽارني جنرل خالد جاويد خان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نادرا چيئرمين وزيراعظم کي نادرا جي معاملن جي حوالي سان آگاهه ڪيو. هن وزيراعظم کي ٻڌايو ته هلندڙ سال 14 آگسٽ تائين نادرا تعلقي سطح تي 46 نوان سينٽرز کوليندي جيڪي عام ماڻهو جي نادرا تائين پهچ يقيني بڻائيندا، وڌيڪ نادرا ڊجيٽل پاڪستان جي ويزن تحت اسٽارٽ اپس جي مدد لاءِ انو ويٽيو اپليڪيشنز متعارف ڪرائيندو ۽ ايف بي آر جي ٽيڪس بيس وڌائڻ ۾ به مدد ڪندو. وزيراعظم نادرا جي قدمن کي ساراهيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عام ماڻهو کي سهولتن جي فراهمي موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي.