اسلام آباد – 06 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين مشهور اديب، افسانه نگار ۽ ڪالم نگار مسعود اشعر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته مسعود اشعر جي لاڏاڻي تي خبر ٻڌي دلي صدمو ٿيو، مرحوم افسانه نگاري ۽ صحافت ۾ اڻ ڳڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون، سندس خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته مرحوم علم ۽ عمل جو حسين امتزاج هو، سندس لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن ڀرجي نه سگهندو، هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم مسعود اشعر جي مغفرت فرمائي ۽ پوئينرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.