
لاهور – 05 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب لاهور ۾ پي ٽي وي سينٽر، پي آءِ ڊي ۽ دنيا نيوز جي آفيس جو دورو ڪيو جتي لاڳاپيل عملدارن نيوز، ڪرنٽ افيئرز جي معاملن بابت بريفنگ ڏني. مملڪتي وزير فرخ حبيب پي ٽي وي سينٽر پهتو ته جي ايم پي ٽي وي لاهور فيض الدين سندس آجيان ڪئي، مملڪتي وزير فرخ حبيب کي پي ٽي وي جي نيوز، آپريشن ۽ پروڊڪشن سميت ٻين معاملن جي حوالي کان آگاهه ڪيو، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پي ٽي وي لاهور سينٽر تاريخي اهميت رکندڙ آهي، پي ٽي وي جي عظمت جي بحالي اولين ترجيح آهي، پي ٽي وي فني عملي کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ تربيت تي ڌيان ڏنو ويندو، هن چيو ته پي ٽي وي ملازمن جا سمورا جائز مطالبا حل ڪنداسين، مملڪتي وزير فرخ حبيب پي آءِ ڊي ريجنل آفيس لاهور جو دورو ڪيو جتي ڊي جي پي آءِ ڊي لاهور شفقت عباس مملڪتي وزير کي پي آءِ ڊي ريجنل آفيس جي معاملن بابت بريفنگ ڏني، مملڪتي وزير فرخ حبيب دنيا نيوز، لاهور نيوز ۽ دنيا اخبار جي مختلف شعبن جو به دورو ڪيو جتي نيوز، ڪرنٽ افيئرز جي پروگرامن بابت آگاهه ڪيو ويو.