اسلام آباد – 04 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اميد آهي (ن) ليگ جي ليڊرشپ سوات ۾ سٺي تفريحي سهولتن مان لطف اندوز ٿيندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هڪ سٺي حڪومت جي ثمرن مان هر شهري فائدو کڻندو آهي ڀلي اهو حڪومت جو مخالف ئي ڇو نه هجي. محمود خان لالا کي چيو آهي ته انهن مهمانن جو خيال رکي پر انهن تي نظر به رکي.