اسلام آباد – 03 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته آصف علي زرداري جي جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ هيستائين نيب 33 ارب رپيا وصول ڪري چڪو آهي جيڪي اٽڪل 200 ملين ڊالر بڻجن ٿا. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اصل ڪيس 5 هزار ارب جي لڳ ڀڳ آهي، ان وصولي سان توهان اندازو لڳايو ته هن ملڪ ۾ ڪرپشن جي ڪهڙي سطح رهي آهي ۽ حڪمرانن سنڌ ۽ پاڪستان کي ڪيئن ڦريو آهي.