اسلام آباد – 03 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته تعميري سوچ جي فروغ ۽ تخليقي سرگرمين کي وڌائڻ ۾ راندين جو هڪ اهم مقام آهي ۽ صوبائي ۽ علائقائي سطح تي مختلف راندين جي حوصلا افزائي جي ڪري نوجوان نسل کي پنهنجون صلاحيتون ڀرپور طريقي سان مظاهرو ڪرڻ ۾ مدد ملندي. سينيٽ سيڪريٽريٽ جي ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار سينيٽ چيئرمين پارليامينٽ هائوس ۾ مظفرآباد ٽائيگرز نالي ڪرڪيٽ ٽيم جي نمائندن سان ملاقات ۾ ڪيو. مظفرآباد ٽائيگرز جي نمائندن ٻڌايو ته آزاد ڪشمير ۾ هن وقت پي ايس ايل جي طرز تي ڪشمير پريميئر ليگ جي نالي سان هڪ ڪرڪيٽ ميلو منعقد ڪيو آهي ۽ ان ۾ مختلف ٽيمون حصو وٺي رهيون آهن. سينيٽ چيئرمين ڪشمير پريميئر ليگ منعقد ڪرڻ کي انتهائي خوش آئنده قرار ڏنو ۽ چيو ته مختلف راندين جي سرپرستي انتهائي ضروري آهي ته جيئن نوجوان نسل کي مثبت سرگرمين ۾ پنهنجي صلاحيتن کي نکارڻ ۽ اجاگر ڪرڻ جو موقعو ملي. سينيٽ چيئرمين چيو ته فٽبال به بلوچستان سميت پاڪستان جي ٻين علائقن ۾ هڪ انتهائي مقبول راند آهي جڏهن ته ان عوامي راند جي سرپرستي جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته ان سلسلي ۾ خصوصي ڪميٽي جوڙي وئي آهي جنهن جي سربراهي سينيٽر فيصل سليم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته فيڊريشنز کي فٽبال جي فروغ لاءِ موثر ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ۽ ان سلسلي ۾ قانونسازي جي به سخت ضرورت آهي ته جيئن معاملن کي بهتري طرف آڻي سگهجي. ان موقعي تي اڳوڻو سينيٽر سجاد حسين طوري ۽ سينيٽر فيصل سليم پڻ موجود هئا. مظفرآباد ٽائيگرز جي نمائندن سينيٽ چيئرمين کي مظفرآباد ٽائيگرز جي شرٽ پڻ پيش ڪئي.