APP51-020721 ISLAMABAD: July 02 - Ambassador of Azerbaijan to Pakistan Mr Ali Alizada calls on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 02 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان آذربائيجان سان ڀائراڻن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ مقرر آذربائيجان جي سفير علي عليزاده سان ڳالهائيندي ڪئي جنهن ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. سفير وزيراعظم کي آذربائيجان جي صدر الهام عليوف پاران نيڪ تمنائن جو پيغام پهچايو، سفير نوگورنو ڪاراباخ معاملي ۽ تازو ئي آزاد ڪيل والاريل علائقن جي حمايت تي پاڪستان جو ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۾ پنهنجون ذميداريون ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ تي آذربائيجان جي سفير کي مبارڪباد ڏني ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۾ آذري سفير جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات جو ذڪر ڪندي صدر عليوف لاءِ نيڪ تمنائن جو پيغام ڏنو. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان آذربائيجان سان ڀائراڻي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته اعليٰ سطح تي مٽاسٽا جي ذريعي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا.