اسلام آباد – 02 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راولپنڊي ۾ لئي بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبي ۽ گوجرانوالا ۾ ترقياتي منصوبن سان معاشي سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو، منصوبن بابت هدفن کي حاصل ڪرڻ مقرر ۽ طئي ٿيل مدي اندر يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، تعميراتي ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فرخ حبيب، خاص مددگار ملڪ امين اسلم، ڊاڪٽر شهباز گل، نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم ڊولپيمنٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته وڊيو لنڪ جي ذريعي پنجاب جو هائوسنگ وارو وزير ميان محمود الرشيد، مشير ڊاڪٽر سلمان شاهه ۽ پنجاب جي چيف سيڪريٽري شرڪت ڪئي، اجلاس کي راولپنڊي لئي بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبي جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار ڊاڪٽر سلمان شاهه اجلاس کي آگاهه ڪيو ته ان منصوبي سان راولپنڊي ناله لئي جي ٻنهي پاسن کان ايڪسپريس وي جي تعمير، ناله لئي جي صفائي ۽ پاسن ۾ بزنس ڊسٽرڪٽ جي تعمير شامل آهي، ان منصوبي جي ڪري ٻوڏ واري صورتحال کان شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ ممڪن ٿي سگهندو، اهو منصوبو پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل تحت هلايو ويندو جنهن ۾ حڪومت صرف زمين فراهم ڪندي، ان منصوبي تحت تجويز ڪيل بزنس ڊسٽرڪٽ جي گهڻ رخي معاشي فائدن جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، اجلاس جي منصوبي جي لاءِ گهربل قانوني ترميمن، انتظامي ڍانچي ۽ ٽائيم لائينز جي باري ۾ به آگاهه ڪيو ويو، چيف سيڪريٽري پنجاب اجلاس کي گوجرانوالا ڊولپمينٽ پلان تي بريفنگ ڏني، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گوجرانوالا جي لاءِ مالي سال 22 -2021ع صوبائي ۽ وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ 40 منصوبا شامل ڪيا ويا آهن جنهن ۾ زراعت، صنعت، رستن جي تعمير ۽ مرمت، ماحولياتي تحفظ، پيئڻ جو پاڻي ۽ سيوريج شامل آهن، وزيراعظم ٻنهي منصوبن جي افاديت کي اجاگر ڪندي چيو ته ان سان معاشي سرگرمين ۾ اضافو ٿيندو ۽ شهرين کي سڌو سنئون فائدو حاصل ٿيندو، وزيراعظم چيو ته منصوبابندي کي موثر بڻائڻ جي لاءِ پرائيويٽ سيڪٽر جي ماهرن کان راءِ ورتي وڃي منصوبن کان بهترين معاشي فائدا حاصل ڪرڻ جي لاءِ متبادل پلان ٺاهيا وڃن، هن چيو ته سرڪاري زمين آجي ڪرائڻ کي ترجيح ڏني وڃي، هن چيو ته منصوبن بابت هدفن کي مقرر ۽ طئي ٿيل مدي جي اندر مڪمل ڪيو وڃي.