اسلام آباد – 02 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جو فيصلو واپس وٺڻ خوش آئنده آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته خوشي آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو آهي، دنيا ۾ هن وقت ٽيڪنالاجي جي جنگ هلي رهي آهي، ڪمپنيون هڪٻئي جي خلاف پروپيگنڊا ڪري رهيون آهن، اسان جي ريگوليٽري ادارن ۽ ججن کي ان جنگ کان ڌار رهڻ گهرجي ۽ جيڪو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري ان کي خوش آمديد چوڻ گهرجي.