
اسلام آباد – 02 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڻي جي کوٽ جي ڪري ڪراچي جي شهرين کي مشڪلاتون درپيش آهن، ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي جا سڀئي منصوبا وقت سر مڪمل ڪيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي ۾ پاڻي جي صورتحال تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ جي حل لاءِ مختلف تجويزن جو جائزو ورتو ويو، اجلاس کي پاڻي جي حوالي سان جاري منصوبن تي ٿيندڙ اڳڀرائي تي به بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ توانائي ۽ پيٽروليم وارو وفاقي وزير حماد اظهر، سنڌ اسيمبلي جو ميمبر فردوس شميم نقوي، حبڪو جو سي اي او ڪامران ڪمال ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر سمر خان آن لائين شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڻي جي کوٽ جي ڪري ڪراچي جي شهرين کي مشڪلاتون درپيش آهن، ڪراچي کي روزاني 1100 کان 12 سئو ملين گلين پاڻي جي ضرورت آهي، هن چيو ته ڪراچي لاءِ پاڻي جا منصوبا فاسٽ ٽريڪ بنياد تي مڪمل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي جا سڀئي منصوبا وقت سر مڪمل ڪيا ويندا، صدر چيو ته ڪراچي جي مسئلن جو جلد حل ۽ شهرين جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرن جي تعاون ۽ جامع ڪوششن سان مسئلن جو جلد حل ممڪن آهي.